ڪابينا اجلاس: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري

0
26
ڪابينا اجلاس: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري
ڪابينا اجلاس: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي، گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مالي سال 25-2024 جي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني وئي

وفاقي ڪابينا هارين، نوجوانن ۽ صنعتڪارن لاءِ پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

ذريعن موجب سمورن اسڪيمن جو اعلان وفاقي ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير ۾ شامل آهي

وفاقي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي

گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي

ڪابينا پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ناڻي وارو وفاقي وزير اورنگزيب ڪجهه دير ۾ قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو