برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي

0
25
برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي
برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي

برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، ليبر پارٽيءَ جو اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم هوندو، ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي وزيراعظم رشي سونڪ شڪست تسليم ڪري ورتي

 وزيراعظم رشي سونڪ چيو ته ليبر پارٽي چونڊون کٽي چڪي آهي ۽ مون سر ڪيئر اسٽارمر کي فون ڪري واڌايون ڏنيون آهن

برطانوی انتخابات میں لیبر پارٹی فاتح: رشی سونک نے شکست تسلیم کرلی، کئیر اسٹارمر وزیراعظم ہونگے

 سينٽرل لنڊن ۾ خطاب ڪندي سر ڪيئر اسٽارمر چيو ته تبديليءَ جي شروعات ٿي رهي آهي، سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي

پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد جاري ڪيل ايگزٽ پول موجب ليبر پارٽي 410 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ليبر پارٽي رڳو 131 سيٽس کٽي سگهندي، پولنگ مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، 650 سيٽن مان 5 سئو کان وڌيڪ سيٽن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن

 شروعاتي نتيجن موجب ليبر پارٽي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل 326 سيٽن کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن