حملي ۾ زخمي ٿيل ٽائيم نيوز جي رپورٽر حيدر مستوئي جو ڪراچي جي اسپتال ۾ ڪامياب آپريشن

0
43
حملي ۾ زخمي ٿيل ٽائيم نيوز جي رپورٽر حيدر مستوئي جو ڪراچي جي اسپتال آپريشن
حملي ۾ زخمي ٿيل ٽائيم نيوز جي رپورٽر حيدر مستوئي جو ڪراچي جي اسپتال آپريشن

روهڙي ويجهو قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل ٽائيم نيوز جي رپورٽر حيدر مستوئي جو ڪراچي جي اسپتال ۾ آپريشن، ڊاڪٽرز آپريشن ڪري سندس ڄنگهه ۾ ڦاٿل گولي ڪڍي ورتي

 ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته آپريشن ڪامياب رهيو، حيدر مستوئي جي طبيعت سڌرندڙ آهي، حيدر مستوئي کي هفتو اڳ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽارگيٽ بڻائي مٿس فائرنگ ڪئي هئي

 حيدر مستوئي کي زخمي حالت ۾ پهرين سکر ۽ بعد ۾ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، حيدر مستوئي تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس اڃا داخل نه ٿي سگهيو

 پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي صحافي جي وارثن جي ڪراچي مان واپس اچڻ تي سندن مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو