ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ڳرن بلن خلاف ڪالهه شهرين نٽهڻ اس ۾ لياري کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعري بازي ڪئي، ريلي ۾ سماجي اڳواڻ فيصل ايڌي، شھزاد سومرو سميت عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شريڪ ھو، ان موقعي تي لياري واسين چيو ته لياري ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، 16-18 ڪلاڪن تائين بجلي بند رھي ٿي، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران آھي، اسان سخت گرمي ۾ عذاب واري زندگي گذاريون پيا، ھنن مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪري بجلي فراھمي يقيني بڻائي وڃي.