ٺٽو (رپورٽ: محبوب بروهي) ٺٽي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار ۽ منشيات جي وڪري خلاف جسقم پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي قومي شاهراھه تي ڌرڻو هنيو ويو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا
ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جون زمينون ۽ ٻيٽ مافيا هٿان والارجي رهياآھن، صوبي ۾ ڌاري آبادڪاري ڪئي پئي وڃي
هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات کي عام ڪري نوجوان نسل کي هٿ سان تباھه ڪيو پيو وڃي، جيڪو هڪ قومي الميو آھي: صنعان قريشي
جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جي زمينن تي والار ۽ منشيات جو وڪرو بند نه ڪيو ويو ته مرحليوار تحريڪ هلائي ويندي