ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي: 100 انڊيڪس سال 2022ع جي بلند سطح تي پهتي، ان ڏس ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏهاڙي جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس ۾ 150 پوائنٽن جي لاٿ ٿي، جڏهن ته ڏينهن جي پڄاڻي تي سيڙپڪارن پاران شيئرز جي خريداري ڪرڻ سبب 100 انڊيڪس 262 پوائنٽن جي واڌ سان 46407 پوائنٽن تي بند ٿي، بندش کان اڳ 100 انڊيڪس 564 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهي، سيڙپڪارن موجب 3 ڪاروباري ڏهاڙن دوران انڊيڪس ۾ 2620 پوائنٽن جو واڌارو ٿيو، جڏهن ته سيڙپڪارن 357 اربن جو نفعو ڪمايو