ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص ضلعي ۾ گيسٽرو جا ھاڃا جاري آهي، 10 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا، جن کي سول اسپتال ميرپورخاص داخل ڪرايو ويو آهي
متاثر ٻارڙن ۾ معصوم حسين علي، محمد طفيل، نائلا، عائشه، سنيا، فاطما، سجاد ۽ ٻيا شامل آهن
صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آھي ته ميرپورخاص ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ 5 سئو کان وڌيڪ معصوم ٻارن سميت مرد ۽ عورتون داخل آھن جن جو علاج ھلندڙ آھي
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ميرواھ گورچاڻي واسي گيسٽرو ۾ مبتلا معصوم نياڻي 3 ورھين جي بشريٰ فوت ٿي وئي هئي
ٽائيم نيوز کي سول اسپتال جي ايم ايس ھرچند راءِ ٻڌايو آھي ته گيسٽرو جي مرض ۾ گندو پاڻي پيئڻ، مکين جي مٿا ويھڻ بعد مختلف شيون کائڻ ۽ گرمي جي واڌ سبب گيسٽرو مرض ۾ وڌي رهيو آهي، ماڻهو پاڻي گرم ڪري ان کي ٿڌو ڪرڻ بعد پيئن ۽ فروٽا سميت کليل شين کي ڌوئڻ بعد کائن ۽ پنهنجي پنهنجي گھرن ۾ مکيون ۽ مڇرن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري ڪرائين
ھي به پڙھندا