اسلام آباد: (م ڊ) عدالت گوجرانوالا ڪينٽ تي 8 مئي تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي سميت 51 جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت گوجرانوالا ۾ ڪيس ۾ ملوث 51 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جاري آهي. عدالتي حڪم تي جوابدارن جي گهرن ۽ شهر جي اهم هنڌن تي اشتهار لڳايا ويا آهن. جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ڪيس ۾ دهشتگردي سان گڏ قتل جا قلم به لڳايا ويا آهن. 51 جوابدارن جي فهرست ۾ پي ٽي آءِ باني، شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، مراد سعيد، حماد اظهر، فرخ حبيب، عمر ايوب، علي امين گنڊاپور، زرتاج گل، زبير نيازي، اڪرم ساهي، شوڪت ڀٽي، احمد چٺه، بلال اعجاز ۽ ظفرالله چيمه جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.