پيمبروڪاشائر (انٽرسٽنگ نيوز) گذريل سال دڪان ٻاهران ڦٽي ڪيل ڇهن ڄنگهن واري ڪتيءَ کي نئون گھر ملي ويو آهي. ڊزني جي ڪردار تي نالو ماڻيندڙ هن ڪتيءَ ايريئل گذريل سال سيپٽمبر ۾ پيمبروڪاشائر۾ هڪ دڪان ٻاهران اڇلائي وئي هئي. ان وقت ايريئل جي عمر صرف 11 هفتا هئا ۽ ان جي تحفظ لاءِ مقامي سينٽر گرين ايڪر ريسڪيو ٽيم ان کي پاڻ سان کڻي وئي هئي. ڇهن ٽنگن کان سواءِ ايريئل ۾هڪ ٻي خاصيت اها آهي ته ان جو صرف هڪڙو گردو آهي. ايرئيل کي هاڻي اولي برڊ نالي نئين مالڪ کي ڏنو ويو آهي، جيڪو ويسٽ ويلز ۾ ايڊيٽو سرف اسڪول هلائيندو آهي. 40 ورهين جي نئين مالڪ جو چوڻ هو ته هو ۽ سندس خاندان شايد ويلز ۾ اڪيلا ماڻهو آهن جن ايريئل جي ڪهاڻي نه ٻڌي هئي. ايرئيل جي آمد هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن سندن خاندان پنهنجي هڪ ڪتَي جي مرڻ جي صدمي ۾ ورتل هو.