اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي: 57 سيڪڙو شيئرز جا اگهه وڌي ويا: سيڙپڪار خوش 

0
15
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي: 57 سيڪڙو شيئرز جا اگهه وڌي ويا: سيڙپڪار خوش 
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي: 57 سيڪڙو شيئرز جا اگهه وڌي ويا: سيڙپڪار خوش 

ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جاري: 57 سيڪڙو شيئرز جا اگهه وڌي ويا، سون 241500 رپين تي بيٺل، ان ڏس ۾اسٽاڪ مارڪيٽ 79 هزار واري نفسياتي حد پار ڪري ورتي، اڄ 100 انڊيڪس  728.25 پوائنٽن جي واڌ سان  79552.8 پوائنٽن تي پهتي،  مارڪيٽ ۾57 سيڪڙو شيئرز جا اگهه وڌي ويا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن  ۾ 84 ارب 54 ڪروڙن جو اضافو ٿيو، ٻئي طرف  ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون جو اگهه 241500 رپيا في تولو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ 2324 ڊالر في آئونس تي برقرار رهيو، جڏهن ته ڊالر 280.5 ۽ چاندي 2750 رپين تي برقرار رهيا، هوڏانهن پائونڊ پوڻا 2 رپيا لاٿ سان 352.5 مان 350.75 ۽ يورو سوا رپيو اضافي سان 296.5 مان 297.75 رپين تي پهتا هئا