ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر  ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي جمھوريت تي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي راتاھي خلاف  اڄ 5 جولاءِ تي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ جي آمراڻي عمل ۽ شهيد ڀٽو  جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويند، هن چيو ته  18هين ترميم ذريعي آئين مان 58 ٽو بي واري شق ختم ٿيڻ سبب ملڪ ۾ جمھوريت جو تسلسل جاري آهي، هاڻ  حڪومتن کي گهر موڪلڻ جو رستو هميشه لاءِ بند ڪيو ويو آهي  هن چيو ته 18هين ترميم ۾ آئين ٽوڙيندڙن کي آرٽيڪل 6 جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته  ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل جمهوريت جي تسلسل،  پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۾ آهي.،  جيڪڏهن سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي، هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کي اهميت ڏئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور شهيد ۽ قومي جمھوري ھيرو قرار ڏنو وڃي.