5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن

0
13
5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن

 5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. اڄ کان 45 سال اڳ 5 جولاءِ 1979ع تي فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق پاڪستان خلاف هڪ عالمي سازش جو حصو بڻجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان جي پهريون متفقه آئين کي معطل ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءُ الحق جي ان غير آئيني عمل پاڪستان کي اهڙن بحرانن ۽ تباهين جي ور چاڙهي ڇڏيو، جن مان پاڪستان اڄ ڏينهن تائين نڪري نه سگهيو آهي.

                 آمر جنرل ضيا جي اهڙي قدم سان نه رڳو پاڪستان جي جمهوريت کي نقصان پهتو پر ان سان گڏوگڏ جنرل ضيا پاران پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ سان اسلامي دنيا سميت آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ غير وابستگيءَ واري تحريڪ کي به شديد نقصان پهتو، جڏهن ته  قومي خودمختياريءَ ۽ جمهوريت جي تحريڪن کي به شديد نقصان پهتو جنهن جو ازالو اڄ ڏينهن تائين ٿي نه سگهيو آهي. 5 جولاءِ 1979ع جديد دور جو خوفناڪ ڏينهن آهي، انهيءَ خوفناڪ ڏينهن تي هڪ نئين ۽ جديد دنيا اڏجڻ جو خواب به ٽٽي پيو.

هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ ٽين دنيا جا غريب ۽ پٺتي پيل ملڪ عالمي سامراجي جبر کان آزادي حاصل ڪري سگهن ها ۽ قومي خودمختياري سان جمهوريت پسند ، خوشحال ۽ انصاف پسند معاشرا ٺاهي سگهن ها. پاڪستان سميت آفريقي ملڪ اڄ جن بدترين حالتن ۾ مبتلا  آهن، ان تناظر ۾ 5 جولاءِ 1979ع جي تباهيءَ وارن اثرن کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪرڻ جي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل 5 جولاءِ 1979ع تي ٿيل هڪ عالمي سازش جي اسڪرپٽ جو هڪ حصو هو، ڇاڪاڻ ته هُن نه رڳو هڪ شڪست کاڌل ۽ تباهه ٿيل پاڪستان کي نئين سر تعمير ڪيو هو پر ان کي قومي خودمختياري، معاشي خودمختياري، جمهوريت ۽ ترقي جي رستي تي پڻ گامزن ڪري ڇڏيو هو. ان لاءِ هن ٽين دنيا جي قومي خودمختياري ۽ جمهوريت جي تحريڪن کي مضبوط ڪيو ۽ انهن کي پنهنجي طاقت جو محور ۽ مرڪز بڻايو.

هو ٽين دنيا جي ماڻهن جي اميدن ۽ تمنائن جو مرڪز بڻجي ويو. اها ڳالهه عالمي سامراجي قوتن کي قبول نه هُئي. شهيد ڀٽو 5 جولاءِ 1979ع کان اڳ پاڪستان لاءِ ڇا ڪيو ۽ 5 جولاءِ 1979ع کانپوءِ جيڪا تباهي آئي، ان کي شهيد ڀٽو جي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ئي وڌيڪ مناسب ٿيندو.

ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي جي موت جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ويهي، هن پنهنجي ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس سالگرهه جي موقعي تي 21 جون 1978ع تي هڪ خط لکيو، جنهن جو عنوان هو”مائي ڊيئرسٽ ڊاٽر“، هن خط ۾ شهيد ڀٽو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن پاڪستان جي حڪمرانن کيس پرڏيهه مان گهرايو ۽ کيس پاڪستان بچائڻ جي ذميواري سونپي. هو لکي ٿو ته ”مان ان وقت گڏيل قومن ۾ هئس ۽ هڪ ناممڪن صورتحال کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هوس.

”جڏهن جنرل يحيٰ خان ان تباهيءَ جو جائزو ورتو ۽ کيس شڪست جو پورو پورو يقين ٿي ويو ته هاڻي ڪجهه واپس ورڻ وارو نه آهي ۽ جيڪو ڪجهه بچيل آهي اهو به خطري ۾ پئجي ويو آهي ته هنن مون کي واپس پاڪستان آڻڻ لاءِ خاص جهاز موڪليو. ان وقت يحيٰ خان جون اکيون لال ٿي ويون هيون ۽  هو ڏاڍو پريشان هو، جڏهن 20 ڊسمبر 1971ع تي صبح جو 10:30 وڳي هن مون کي ٻڌايو ته هو بُري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ مون کي شڪست کاڌل پاڪستان جي چارج وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مون ۾ ئي ان کي بچائڻ جي صلاحيت آهي. ان بعد مون باقي ملڪ انهيءَ خراب صورتحال ۾ر ات جو 12 وڳي پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان حلف کڻي سنڀاليو.”

شهيد ڀٽو اها ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ شڪست حال ۽ تباهه ٿيل پاڪستان لاءِ ڇا ڪيو، هو پنهنجي ڌيءَ کي ان ئي خط ۾ ٻڌائي ٿو ته ”مون تمام محاذن تي وڏي سرگرميءَ سان ترقي ڪئي. پهريون ڪم جنهن تي مون ڌيان ڏنو، اهو آئين سازي جو ڪم هو ته جيئن صوبائي خودمختياري جي سوال تي جمهوري اتفاق راءِ سان آئين کي منظور ڪري سگهجي. مون اقتصاديات کي ترقي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، اهم سماجي ۽ معاشي سڌارا ڪيا. مون بنگلاديش کي تسليم ڪري بنگلاديش جو مسئلو حل ڪيو. مون هندستان سان شملا معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ڪا به ڳجهي شق نه هئي، ۽ سنڌ ۽ پنجاب جو 5000 چورس ميل کان وڌيڪ علائقو واپس پاڪستان جي جاگرافيائي حدن ۾ شامل ڪرايو. مون 90,000 جنگي قيدين کي عزت ۽ جنگي ڪيسن کان سواءِ واپس پاڪستان آندو، جن تي جنگي ڏوهن جا ڪيس هلڻ جو خطرو هو، مون لاهور ۾ اسلامي سربراه ڪانفرنس منعقد ڪئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج کي جديد بڻايو. ملڪ کي واپس ترقيءِ جي رستي تي گامزن ڪيو، مون ايشيا، لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جي عوام جو آواز پاڪستان جي عوام سان گڏ بلند ڪيو. انهن ڪاميابين تي مون کي خوشي جي اهڙي لهر محسوس ٿيندي هُئي جو منهنجين اکين ۾  ڳوڙها اچي ويندا هيا“.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ساڳئي خط ۾ لکي ٿو ته 5 جولاءِ 1979ع تي پاڪستان جي قيام جي پويان ڪهڙا مقصد هئا ۽ ان جا ڪهڙا خطرناڪ اثر ٿي پئي سگهيا، فوجي آمرن ڪنهن اعلى نظرئي ۽ مقصد لاءِ اقتدار تي قبضو ڪرڻ نه پئي چاهيو پر انهن جو مقصد ائٽمي ريپراسيسنگ پلانٽ جي معاهدي ۾ ترميم، ٽامي، سون ۽ ٻين معدني وسيلن جي کوٽائي ۾ ڌارين جي مفادن کي تحفط فراهم ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته ملڪ ”سيٽو“ ۽ ”سينٽو“ کان الڳ نه ٿيندو ۽ قوم جي علائقائي دعوائن کي رد ڪرڻ ۽ وڏين طاقتن جي عالمي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اقتدار تي قبضو ڪرڻ پئي گهريو“. اهي خود حقن جي بدران GNP بابت ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن، آزاديءَ جي تحريڪن جو ساٿ ڏيڻ بدران مهانگائي جي شرح ۾ ڦاسي پوندا آهن. هو تضادن جا خالق هوندا آهن. جڏهن اهي سياسي منظر مان نڪرندا آهن ته پنهنجي پويان وڌيڪ ڪرپشن ۽ رشوت، وڌيڪ عدم استحڪام، وڌيڪ ورهاڱو، وڌيڪ ڪمزور معيشت، وڌيڪ افراتفري ۽ آئيني بحران ۽ خال ڇڏي ويندا آهن. “

شهيد ڀٽو ان ڳالهه تي غمگين نه ٿيندو هو جيڪو ڪجهه ساڻس ٿيو هو، پر ان جي ابتڙ ان کي موت جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ به پاڪستان جي تباهه حاليءَ تي ڳڻتي ٿيندي هُئي، ساڳئي خط ۾ هن وڌيڪ لکيو آهي ته ”هنن وحشين مون سان جيڪو بدترين سلوڪ ڪيو آهي ان تي ذاتي ڪاوڙ ۽ غصو ٿيڻ لازم آهي، پر مون کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته هنن قومي مفادن کي وڌيڪ نقصان پهچايو آهي“.

اهي ماڻهو پاڪستان کي 1947ع واري دور ۾ واپس وٺي ويا آهن. اها صورتحال ايتري ته خراب آهي جو ان کي بيان به ڪري نه ٿو سگهجي، اهڙي خراب صورتحال جو ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اسان موٽي وري انهيءَ دور ۾ پهتا آهيون جتان سفر شروع ڪيو هو. قومون يا ته ترقي ڪنديون آهن يا وري هڪ زوردار ڌماڪي سان تباهيءَ طرف وڌنديون آهن ۽ خاموشيءَ سان زوال پذير ٿي وينديون آهن. شهيد ڀٽو جي انهن لفظن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته اڄ اسان جنهن زوال جو شڪار آهيون ان جو وڏو سبب 5 جولاءِ 1979ع آهي.