5 جولاءِ: مارشلائي اڀاڳ جي اڻ-کٽ رات

0
33
5 جولاءِ: مارشلائي اڀاڳ جي اڻ-کٽ رات

1970ع ۾ ٿيل پهرين عام چونڊن کان پوءِ بنگالين کي جمهوري حق ڏيڻ بجاءِ ظالماڻو آپريشن ڪرڻ سان ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. نتيجي ۾ اولهه پاڪستان ۾ اڪثريتي پارٽيءَ کي حڪومت ملي ۽ ڀٽو ملڪ جو پهريون سويلين چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر بڻيو. ستت هُو اهي عهدا ڇڏي وزير اعظم بڻيو. ڀٽو هڪ مضبوط سياسي اڳواڻ ٿي اُڀريو، جنهن آئين ٺاهڻ، عوامي ترقيءَ جون وڏيون رٿائون عمل هيٺ آڻڻ سان گڏ سياسي مخالفن کي نشانو بنائڻ وارا ڪم به ڪيا. بلوچستان ۽ سرحد جون چونڊيل حڪومتون ختم ڪيائين ۽ سياسي مخالفن لاءِ تر تپائي ڏنائين. ان کان سواءِ ڀُٽي بلوچستان ۾ عسڪري آپريشن به ڪرايو ته قاديانيت کي غير مسلم قرار ڏيڻ وارو قانون منظور ڪرائي مذهبي ڌُرين کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڀارت کان 90 هزار قيدي فوجي ڇڏرائڻ ۽ ايٽم بم جي رٿا شروع ڪرائي فوج کي راضي رکڻ جا جتن ڪيائين. البته انهن سمورين ڀلائين جي باوجود مذهبي ڌرين ۽ فوج سندس تختو اونڌو ڪري کيس ڦاسيءَ جي تختي تائين پهچائي ڇڏيو.

مارچ 1977ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون. انهن چونڊن ۾ 200 قومي اسيمبلي جي سيٽن مان 155 تي پيپلز پارٽيءَ جا اميدوار کٽي ويا. مخالف ڌر جي نَون پارٽين جي اتحاد پاڪستان نيشنل الائنس PNA کي رڳو 36 سيٽون مليون. اتحاد پاران چونڊ نتيجن کي رد ڪري ملڪ گير هلچل هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. پي اين اي پاران ٽن ڏينهن کانپوءِ 10 مارچ تي رٿيل صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو. لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد پي اين اي جي تحريڪ جا ڳڙهه هئا. مخالف اتحاد جي اهم اڳواڻن ۾ اصغر خان، مفتي محمود، شاهه احمد نوراني، پير پاڳارو، ميان طفيل محمد، پروفيسر غفور، نوابزاده نصر الله خان، ولي خان وغيره شامل هئا. ان دوران ڀُٽي مذهبي ڌُرين کي خوش ڪرڻ لاءِ 17 اپريل تي شراب ۽ نائيٽ ڪلبس تي پابندي وجهڻ، اسلامي صلاحڪاري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ ۽ ڇهن مهينن اندر ملڪي قانونن کي اسلام سان ٺهڪائڻ جا اعلان ڪيا پر مذهبي ڌُرين جي تحريڪ اڳي کان وڌيڪ سگهاري ٿيندي وئي. مئي ۾ پي اين اي ۽ ڀُٽي وچ ۾ ڳالهه ٻول شروع ٿي.

14هين جون تي ڀُٽي فوجي جنرلن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي. ان گڏجاڻي ۾ فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق اُٿي بيهي وزير اعظم کي پنهنجي وفاداريءَ جي خاطري ڪرائي. ياد رهي ته، ڀُٽي 1976ع ۾ ڇهن جنرلن جي سينيارٽي کي اورانگهي جنرل ضياءَ کي فوج جو سربراهه مقرر ڪيو هو. اپريل ۾ جنرل ضياءَ ڪُجهه شهرن ۾ مارشلا لاڳو ڪرڻ جي به صلاح ڏني هئي پر ڪور ڪمانڊرن ماڻهن مٿان گوليون هلائڻ کان انڪار ڪيو. ٽن اهم فوجي آفيسرن لاهور ۾ کين ڊيوٽيءَ کان آجو ڪرڻ جي درخواست ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته، ڪجهه سال پوءِ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ ۾ گولي هلائڻ کان ڪنهن به فوجي آفيسر انڪار نه ڪيو.

ان وچ ۾ 15هين جون تي سرڪار ۽ پي اين اي وچ ۾ بنيادي معاملن تي نبيرو ٿي ويو. اوچتو ڪنهن اشاري تي پي اين اي نوان مطالبا پيش ڪري ڇڏيا. 29 جون تي ٻيهر ڳالهيون ٿيون ۽ نون مطالبن تي به راضپو ٿي ويو. البته ٻين جولاءِ تي اصغر خان، شيرباز مزاري ۽ بيگم نسيم ولي خان 9 وڌيڪ مطالبا پيش ڪري ڇڏيا. ڀُٽي ڪابينا روم ۾ هڪ سرڪاري گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ گهڻائيءَ جي راءِ اها هئي ته، پي اين اي کي وڌيڪ رعايتون نه ڏجن. ان گڏجاڻيءَ ۾ فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق اُٿي بيهي سيني تي هٿ رکي ڀُٽي کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته اسان تي ڀروسو رکو، اسان اوهان جي سگهاري ٻانهن آهيون.

چوٿين جولاءِ تي رات جو ساڍي يارهين وڳي ڀُٽي پريس ڪانفرنس ڪري پي اين اي جا شرط قبول ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، پر ان وچ ۾ جنرل ضياءُ الحق مارشلا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو. ائين پي اين اي سان معاملا نبيرجي وڃڻ جي باوجود فوج ڀُٽي جو تختو اونڌو ڪيو.

چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ جنرل ضياءَ کي خطرو هو ته، ڀٽو کيس نه ڇڏيندو، تنهن ڪري هن ڀُٽي کي محمود احمد قصوري جي ڪيس ۾ ججن هٿان ڦاسي ڏياري ڇڏي. جنرل ضياءَ جي اونداهي دور ۾ افغان جهاد جي نالي ۾ جنهن مذهبي انتهاپسنديءَ کي پاليو ويو، پاڪستان اڄ ان جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. ان اونداهي دور ۾ آئين کي جنهن ريت چِٿيو ويو ۽ جيڪي مارشلائي قانون لاڳو ڪيا ويا، ان جي نتيجي ۾ ملڪ انتهاپسند قوتن جي هٿن ۾ يرغمال ٿي ويو. پاڪستان سڄي دُنيا مان امپورٽ ڪيل ويڙهاڪن ۽ آمريڪي هٿيارن جو ڳڙهه بڻجي ويو.

ضياءَ جي مارشلا ايوبي مارشالا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀوائتي هئي. ان دور ۾ اقتصادي ترقي عمل ۾ نه آئي. انتهاپسندي ۽ جهادي معيشت کي هٿي ڏني وئي. سمورا سويلين ادارا تباهه ڪيا ويا. سياسي عمل کي تباهه ڪري هڪ وفادار ٽولي کي ملڪ مٿان مڙهيو ويو. ملڪ ۾ نالي ماتر جمهوريت کي ڪر کڻندي ئي لانگ بوٽن هيٺان چيڀاٽيو ويو. ضيائي مارشلا نه رڳو يارنهن ورهين تائين ملڪ جون پاڙون کوٽيون پر ان کان پوءِ ايندڙ چونڊيل حڪومتن کي به ساهه کڻڻ نه ڏنو. انهن يارنهن سالن دوران جمهوريت دشمن ادارن ۽ فردن کي ايترو سگهارو ڪيو ويو، جو 1988ع ۾ ضياءَ جي موت کان پوءِ يارنهن ورهين اندر چئن چونڊيل حڪومتن جا تختا اونڌا ڪرڻ لاءِ ضياءَ جي ڪيل اٺين آئيني ترميم کي استعمال ڪيو ويو. مٿان وري 1999ع ۾ جنرل مشرف پاران ملڪ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ڏهاڪو سالن جي نئين آمريت ملڪ مٿان مڙهجي وئي. جيتوڻيڪ مشرف جي آمريت ۾ اها بربريت ۽ ظلم نه ٿيو، جيڪو ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿيو هو، پر بلوچستان ۾ هڪ نئين آپريشن جي شروعات ڪئي وئي، جيڪو ٽڪراءَ اڃان تائين ماٺو ناهي ٿيو. مشرف هڪ مختلف شڪل ۾ افغان پاليسي هيٺ آمريڪا جو ساٿاري بڻيو ۽ ضياءَ دور جي پيدا ٿيل جهادين پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ جو هڪ نئون دور شروع ڪري ڏنو، جيڪو پڻ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. پاڪستان مٿان 5 جولاءِ جي اڀاڳي رات جو پاڇو اڃان به موجود آهي ۽ جمهوري ادارا هڪ سگهاري اڻ ڏٺي مارشلا جي ماتحتيءَ ۾ ساهه کڻي رهيا آهن.