مراد علي شاهه آغا سراج دراني کي قانون ياد ڏياري ڇڏيو

0
392

سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه حلف کڻائيندڙ آغا سراج دراني کي قانون ياد ڏياري ڇڏيو

آغا سراج ميمبرن کي حلف کڻائڻ لاءِ اٿي بيٺو ته مراد علي شاهه کيس مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کان اڳ توهان کي حلف کڻڻو آهي

آغا سراج دراني چيو ته مان به گڏجي حلف کڻان ٿو، مراد علي شاهه چيو ته قانون موجب توهان ائين نه ٿا ڪري سگهو

آغا سراج دراني مراد علي شاهه جي نشاندهي بعد پهرين پاڻ حلف کنيو ۽ پوءِ ٻين ميمبرز کي حلف کڻايو