اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پئڪيج لاءِ سمورا شرط پورا ڪري چڪو آهي. ناڻي ۽ توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن هفتن اندر آءِ ايم ايف بيل آئوٽ جو عمل مڪمل ٿي ويندو. علي پرويز چيو ته بيل آئوٽ پئڪيج 6 ارب ڊالرز کان وڌيڪ هوندو، ان سلسلي ۾ بنيادي حيثيت آءِ ايم ايف جي منظوري جي آهي. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته هاڻ ڪو به وڏو مسئلو باقي ناهي بچيو، بجيٽ سميت سمورا وڏا قدم اڳواٽ کڻي چڪا آهيون، بنا ڪنهن شڪ جي بجيٽ سڌارا معيشت تي بار آهن پر آءِ ايم ايف پروگرام استحڪام بابت آهي. علي پرويز چيو ته بجيٽ آءِ ايم ايف سان گڏجي ٺاهڻي هئي ۽ اسان کي ان جا ساڍا ٽي هزار ارب رپين جا ٽئڪس جا مطالبا پورا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هي مشڪل بجيٽ آهي، اسان کي عوام جي تڪليف جو احساس آهي پر حڪومت لاءِ به اِهو سولو فيصلو نه هو، ايندڙ ٽن کان چئن سالن ۾ سئو ارب ڊالر جي فنانسنگ جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه مهينن اندر ملڪ ۾ استحڪام آيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو ويو آهي، وزيراعظم کان ڪابينا ميمبرن تائين نه ڪو به پگهار وٺندو آهي نه مراعتون وٺندو آهي، 30 کان 40 غير ضروري کاتا بند ڪيا ويا آهن، جن وزارتن جي ضرورت ناهي اِهي صوبن جي سهڪار سان ختم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته نجڪاري جو پروگرام به تيزيءَ سان جاري آهي.