گهوٽڪي (رپورٽر) ڏهرڪيءَ مان 32 ڪروڙ جي فراڊ ڪيس ۾ امانت عرف ڊان گولو سميت 7ڄڻن جي گرفتاري وارو معاملو، 6 ڄڻن جي ضمانت منظور، گهوٽڪي جي ضلعي جي ڏهرڪي  شهر  ۾2016 ۾ 32 ڪروڙ جي فراڊ ڪيس ۾ گرفتار امانت عرف ڊان گولو سميت 7 جوابدارن کي احتساب عدالت ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. امانت عرف ڊان گولو سميت گرفتار ٿيل 7 جوابدار پنهنجي وڪيل وسيم سندراڻي جي معرفت پيش ٿيا. احتساب عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر ۽ جوابدارن جي وڪيل وسيم سندراڻي دليل مڪمل ڪيا. احتساب وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد امانت عرف ڊان گولو جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي ڪيس ۾ شامل 6 جوابدارن امداد علي گولو، هاشم علي گولو، مسڪين علي رجب علي گولو، ذوالفقار علي ۽ محبوب علي گولو جي 5-5 لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.