اسلام آباد: ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هن وقت وفاقي حڪومت جا 32 کرب جا مختلف ٽيڪس جا ڪيس جوڊيشل فورم تي التوا جو شڪار آهن، جنهن جي جلد حل لاءِ الٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزولوشن سي (اي ڊي آر) ۾ ٽيڪس باقيدارن جو هڪ ۽ کاتي جو هڪ نمائندو شامل ڪرڻ ۽ ان جي سربراهي هاءِ ڪورٽ جي جج کي ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي وزير چيو ته ان سان نه رڳو حڪومت واجب الاد ٽيڪس وصول ڪري سگهندي پر عدالتي فورمز تان به بار گهٽ ٿيندو، قانوني ڪارروائي جو خرچ به گهٽ ٿيندو.