سکر/خانپورمهر (نمائندن وٽان) ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو اڄ خانڳڙهه  ۾ ٿيندو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب اٽڪل ٻه سال اڳ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل 30 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ساوند، سندراڻي تڪرار جو نبيرو پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر جي ميزباني هيٺ خانڳڙھ ۾ ٿيندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، نبيري ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، ذريعن موجب ايم پي اي عابد سندراڻي، ڊاڪٽر علينواز ساوند، ڊاڪٽر طارق ساوند، احسان سندراڻي، عبدالسبحان ساوند، اسرار سندراڻي سميت ٻنهي برادرين جا چڱا مڙس شرڪت ڪندا، ذريعن موجب فيصلي ۾ شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي کي الڳ نموني نبيريو ويندو، ذريعن موجب نبيري تي ٻنهي ڌرين جي ماڻهن مٿان واضح ڪيو ويو آھي ته اهي هٿيار کڻي اچڻ کان پاسو ڪن، رابطو ڪرڻ تي گوهر پيلس جي ترجمان فيصلي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ساوند، سندراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ اڄ ٿيندڙ نبيري لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي، محبوب بجاراڻي، عبدالخالق ڀرچونڊي، گل محمد جکراڻي، سراج امروٽي، جلال ڪلپر بگٽي تي مشتمل ميڙ منٿ قافلو شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي وارثن ڊاڪٽر طارق ساوند ۽ ڊاڪٽر علي نواز ساوند وٽ پهتو هو ۽ نبيري تي راضي ڪيو هو.