اسلام آباد:  ناڻي وزير اسحاق ڊار سرڪاري ملازمن  کي پينشن جي ادائگي جي حوالي سان نئين طريقيڪار ۽ نظام جو اعلان ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بحث کي سهيڙيندي ناڻي وزير چيو ته ڪيترائي ماڻهو ٽن ٽن ادارن مان پينشن وصول ڪري رهيا آهن، پاڪستان اهو بار برداشت نٿو ڪري سگهي،  ناڻي وزير اعلان ڪندي چيو ته رٽائرڊ آفيسر جي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ادارن مان پينشن وصولي جي عمل کي روڪي رهيا آهيون، هڪ رٽائرڊ سرڪاري آفيسر ڪنهن هڪ اداري مان پينشن وٺي سگهندو، گريڊ 17 کان وڌيڪ جي رٽائرڊ آفيسرن کي صرف هڪ اداري مان پينشن ملندي، پينشنر ۽ ان جي شريڪ حيات جي وفات کان پوءِ وارثن کي 10 سالن تائين پينشن ادا ڪئي ويندي، گريڊ 17 کان وڌيڪ جي رٽائرڊ آفيسرن کي ٻي جاءِ تي ملازمت ڪرڻ تي پينشن نه ڏني ويندي، رٽائرڊ آفيسر ٻيهر ملازمت ڪرڻ تي پگهار وٺي يا پينشن وٺي ٻئي نه ملندا، رٽائرڊ ملازمن جي سرمائيڪاري اسڪيم جي حد 50 لک کان وڌائي 75 لک ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.