ٽي بنگلا، 560 ڪروڙن جا اثاثا، عاليه ننڍي عمر ۾ اميرزادي

0
181
ٽي بنگلا، 560 ڪروڙن جا اثاثا، عاليه ننڍي عمر ۾ اميرزادي
ٽي بنگلا، 560 ڪروڙن جا اثاثا، عاليه ننڍي عمر ۾ اميرزادي

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا عاليا ڀٽ جي ڳڻپ ڀارت جي مشهور اداڪارائن ۾ ٿيندي آهي.عاليا ڀٽ جي شادي رنبيرڪپور سان ٿي هئي، اداڪارا هڪ فلم لاءِ تقريبن 10 ڪروڙ رپيا وٺندي آهي.عاليا ڀٽ جا اثاثا 560 ڪروڙ رپين جا آهن

اداڪارا ننڍي عمر ۾ ئي ٽي گهر خريد ڪيا، عاليا جو لنڊن ۽ ممبئي جي جوهو واري علائقي ۽ باندرا ۾ گهر آهي. عاليا ڀٽ جي لنڊن واري گهر جي قيمت 25 ڪروڙ رپيا آهي

اداڪارا 2020 ۾ ڪورونا دوران ممبئي جي باندرا ۾ 40 ڪروڙ رپين جو نئون گهر خريد ڪيو هو. وٽس رينج روور ۽ بي ايم ڊبليو 7 سيريز جون ڪارون آهن. هو هڪ ڪامياب ڪاروباري شخصيت به آهي، اداڪارا هڪ ڪپڙن جي برانڊ جي مالڪ آهي