2022ع ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ٿيندڙ ڪجھه اهم  واقعا 

0
206
2022ع ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ٿيندڙ ڪجھه اهم  واقعا 

 سال 2022ع پنهنجي پڄاڻي کي پهچڻ وارو آهي. انڪري ممڪن آهي ته ڪنهن کي ذهن ۾ اهو خيال ايندو هجي ته هن پوئين 12 مهينن ۾ دنيا ۾ ڇا ٿيو؟ ان سوال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سميت دنيا ۾ سال 2022ع ۾ پيش ايندڙ ڪجھه اهم واقعن کي هن ليک ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي.

1.پاڪستان

                 2022ع پاڪستان لاءِ ڪو بهتر سال نه هو. سياسي لحاظ کان هي سال آئيني بحران جو دور چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. اپريل مهيني ۾ عمران خان کان وزارت عظميٰ جو عهدو عدم اعتماد جي ذريعي کسيو ويو. هي پاڪستان جي آئيني تاريخ ۾ پهريون دفعو هو جو ڪنهن چونڊيل وزيراعظم کي عدم اعتماد جي ووٽ ذريعي لاٿو ويو. خان صاحب وزيراعظم جي منصب کان لهڻ بعد سموري ملڪ ۾ احتجاج ڪري غير يقيني واري صورتحال کي جنم ڏنو. هن لانگ مارچ ڪيا، هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته نئين اتحادي حڪومت کي دٻاءُ ۾ آڻي ٻيهر چونڊون ڪرائجن، پر هن جي ڪوششن جو ڪو نتيجو ڪونه نڪتو. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ۽ آئيني بحران اڃا تائين هلي پيو.

موسمي لحاظ کان هي سال پاڪستان جي بدترين سالن مان هڪ هو. چوماسي جي مندائتي مينهن هن سال تباهي مچائي ڏني. مينهن ۽ ٻوڏن ۾ 94 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا؛ 2000 جي قريب ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا؛ 20 لک گهر ڪريا؛ 10 لک چوپائي مال جا جانور مري ويا؛ هزارين ڪلوميٽر روڊ ٽٽي پيا؛ اسپتالون ۽ اسڪول تباهه ٿيا. هن سموري تباھي جو ڪاٿو 15 ارب ڊالرن ۾ لڳايو ويو.

ان کان علاوه هن سال ٻيا به کوڙ سارا اهم واقعا ٿيا. مثال طور، 1. آرمي چيف قمر جاويد باجوه پنهنجو عهدو ڇڏيو ۽ ان جي جڳھه تي عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويو. 2. پاڪستان کي FATF جي بليڪ لسٽ مان ختم ڪيو ويو. هي پاڪستان لاءِ وڏي ڪاميابي هئي، ڇو جو FATF جي بليڪ لسٽ تي نالو هجڻ پاڪستان جي معيشت لاءِ وڏو هاڃيڪار هو. 3. عمران خان تي قاتلاڻو حملو ٿيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو ۽ 4. صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ قتل ڪيو ويو.

ٻاهرين دنيا ۾ ٿيندڙ ڪجھه اهم واقعا

2.روس يوڪرين جنگ

هن سال جي شروعات ۾ روس يوڪرين تي پنهنجي فوجن سان چڙهائي ڪئي. روسي صدر پيوٽن آمريڪا ۽ يوڪرين کي مسلسل وارننگس ڏيندو پئي آيو ته يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل نه ڪيو وڃي، پر جڏهن هن ڏٺو ته هن جي وارننگ جو آمريڪا ۽ سندس اتحادين تي ڪو اثر نه ٿو پئي ته هن يوڪرين تي ان نيت سان حملو ڪري ڏنو ته هو ڪجھه ڏينھن ۾ ئي يوڪرين تي غالب ٿي ويندو، پر وقت ثابت ڪيو ته يوڪرين کي فتح ڪرڻ ايترو سولو ڪونه هو جيترو مسٽر پيوٽن سمجهيو پئي. ان جو وڏو سبب اهو هو جو يوڪرين کي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي فوجي توڙي معاشي امداد ميسر هئي. اهو ئي سبب آهي جو روس يوڪرين جنگ اڃا تائين هلي ٿي، جنهن جا منفي اثر پوري دنيا تي پون ٿا.

  1. آمريڪا چائنا تعلقات

آمريڪا ۽ چائنا جا پاڻ ۾ تعلقات معمول جيان ڪشيده رهيا. انهن جي وچ ۾ ڪاروباري جنگ جاري رهي، جنهن ۾ آمريڪا چائنا تي ڪجھه پابنديون مڙهيون، ۽ چائنا به ساڳيو ئي جواب ڏنو. ان کان علاوه انهن جي وچ ۾ حالتون وڌيڪ خراب تڏھن ٿيون جڏهن ڪانگريس ليڊي نينسي پلوسي هانگ ڪانگ جو دورو ڪري هانگ ڪانگ جي حڪومت کي خاطري ڪرائي ته آمريڪا انهن سان گڏ آهي. چائنا ان دوري جي رد عمل ۾ پنهنجي فضائي فوج جا جنگي ويڙهاڪ جهاز هانگ ڪانگ جي فضائي حدن ۾ موڪلي هانگ ڪانگ جي سالميت تي وار ڪيو، ۽ آمريڪا کي چتاءَ ڏنو. اهڙي طرح آمريڪا ۽ چائنا جي وچ ۾ تصادم جاري رهيو.

4.سريلنڪا

هن ئي سال جي جولائي مهيني ۾ سريلنڪا هڪ اهڙي معاشي بحران جو شڪار ٿيو، جيڪو اڃا تائين هلي رهيو آهي. عربي سمنڊ ۾ انڊيا ڏکڻ ۾ واقع هي ملڪ مٽاسٽا جي ناڻي جي قلت جو شڪار ٿيو، ۽ نتيجي ۾ ڏيوالو ڪڍرائڻ تي مجبور ٿي ويو. هن معاشي بحران جا سريلنڪن شهرين تي ڏاڍا برا اثر پيا. انهن کي اناج، دوائن، پيٽرول، گئس ۽ ٻين ضرورت جي شين جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. هي بحران صرف معيشت تائين ئي محدود نه رهيو، پر سياسي بحران جي به شڪل اختيار ڪيائين. ماڻهن سريلنڪا جي صدارتي محل تي چڙهائي ڪري، ان وقت جي صدر کي ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، ڇو جو ان بحران جي مکيه ڪارڻن مان هڪ ڪارڻ صدر مهيندر راجاپاڪسا جون پاليسيون به هيون.

5.برطانيا

هي سال برطانيا لاءِ به چڱو ثابت ڪونه ٿيو. روس يوڪرين جنگ جي اثر جي ڪري تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ٿي ۽ ٻين ملڪن جيان برطانيا ۾ به وڏي مهانگائي رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان علاوه برطانيا ۾ سياسي عدم استحڪام به ڏٺو ويو. سڀ کان پهريان هڪ اسڪينڊل سبب بورس جانسن کي وزارت عظميٰ جو عهدو ڇڏڻو پيو، ۽ ان جي جاءِ تي لزٽرس کي وزيراعظم چونڊيو ويو. پر اها به ڪجھه هفتا ئي هلي سگهي ۽ ان کي استعيفيٰ ڏيڻو پيو. ان جي جڳھه تي وري رشي سونڪ کي برطانيا جو وزيراعظم چونڊيو ويو. رشي جي وزيراعظم ٿيڻ سان هڪ نئين تاريخ جڙي وئي ته برصغير جو ماڻهو گورن جو وزيراعظم ٿيو. ان کان علاوه انهن جي راڻي ايلزبيٿ دي سيڪنڊ 96 ورهين جي عمر ۾ انتقال ڪري وئي. واضح رهي ته ايلزبيٿ 70 سال تخت نشين رهي.

6.ايران

ايران ۾ مھاسا آمني نالي هڪ 22 سالن جي ڇوڪري ايران جي اخلاقيات نافذ ڪندڙ پوليس جي حراست ۾ مري وئي. پوليس تي تشدد جو الزام لڳايو ويو ۽ ان جي موت تي سڄي ملڪ جي عورتن توڙي مردن وڏي تعداد ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. انهن مان ته ڪافي ماڻهن انقلاب جا نعرا به هنيا. شروع ۾ ايراني حڪومت جا اڳواڻ انهن احتجاجن کي آمريڪا جي سازش قرار ڏيندا رهيا، پر بعد ۾ انهن دٻاءُ محسوس ڪيو ۽ مورالٽي پوليس کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

  1. چائنا

چائنا ۾ شي جپنگ ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊيو ويو. ان کان علاوه چين ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري مڙهيل لاڪڊائونس خلاف سخت احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ۽ اڃا ڪيا وڃن پيا.

  1. سال 2022ع ۾ به افغانستان ۾ طالبان حڪومت انساني حقن جي پامالي جاري رکي. انهن عورتن جي آزادي تي پنهنجو حملو جاري رکندي عورتن جي، مڊل، ھاءِ ۽ يونيورسٽي تعليم تي پابندي مڙهي.

ڪجھه ٻيا واقعا

9.جاپان جو اڳوڻو وزيراعظم ايبي شنزو کي پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ باشندي حملو ڪري ماري ڇڏيو.

  1. سماجي رابطن جي پليٽفام ٽوئيٽر کي ايلان مسڪ 44 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪيو. هن اچڻ سان ئي ٽوئيٽر جي سي اي او ۽ اڌ عملي کي فارغ ڪيو.

11.اسلامي دنيا جي تڪراري شخصيت سلمان رشدي کي آمريڪا ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو حملي ۾ بچي ويو.

  1. هن ئي سال دنيا هڪ وڏو سنگ ميل عبور ڪيو: دنيا ۾ موجود ماڻهن جو انگ اٺ ارب کان وڌي ويو. هي تاريخ ۾ پهريون دفعو آهي جو ڌرتي تي رهندڙ انسانن جي آبادي ايترو اضافو ٿيو آهي.