اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 2018 ۽ 2024ع ۾ مخصوص سيٽون ڪيئن الاٽ ڪرڻ جو فارمولو ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران عدالت 2018 ۽ 2024ع ۾ مخصوص سيٽون ڪيئن الاٽ ڪرڻ جو طريقيڪار ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا، چيف جسٽس قاضي فائر عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن ڪو غير قانوني ڪم ڪيو هوندو ته ان کي اڏائي ڇڏينداسين، جسٽس عائشه ملڪ سوال ڪيو ته 2019 ۾ بلوچستان عوامي پارٽي کي اليڪشن وڙهڻ ۽ فهرست جمع ڪرائڻ کانسواءِ خيبر پختونخوا ۾ هڪ مخصوص سيٽ ڪيئن ملي هئي؟ اليڪشن ڪميشن هڪ معاملي ۾ ٻه مختلف موقف ڪئين وٺي سگهي ٿو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته 2019 ۾ بِي اَي پِي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته تحريڪ انصاف کي هڪ سال جو وقت ڏنو ويو پر انٽراپارٽي چونڊون نه ڪرايون ويون، اليڪشن ڪميشن فراخ دلي جو مظاهرو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪو غير آئيني ڪم ڪيو هوندو ته ان کي اڏائي ڇڏينداسين، جي يو آءِ ۽ نوازليگ جي وڪيلن به سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽس ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي جي غلط تشريح ڪري هڪ سياسي پارٽيءَ کي چونڊ عمل کان ٻاهر ڪري ڇڏيو ان تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، هن ڪيس جو بنيادي سوال اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ وڏي پارٽي کي اليڪشن کان ٻاهر ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪو غير آئيني ڪم ڪيو آهي ته ٻڌايو، اليڪشن ڪميشن جي ڪو به حيثيت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي آهي جيستائين ڪيس نه ايندو اسان نظرثاني نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هر اليڪشن ۾ هڪ ئي ڳالهه ٿيندي آهي، ڪنهن اڄ تائين ناهي چيو ته اليڪشن صحيح ٿي، هارائڻ وارو اِهو ئي چوندو آهي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اسان اداري جو قدر نٿا ڪريون. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورو تڪرار شروع ئي سياسي جماعت کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ تي ٿيو، سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جو تعين هيو پر ان کي ڏنيون نه ويون، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جنهن جو جيڪو حق آهي اُن کي ملڻ گهرجي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن حق جي ڳالهه آهي ته ان جو مطلب اوهان اڌ فيصلو ڪري ڪري چڪا، اليڪشن ڪميشن غير آئيني ڪم ڪري ته عدالت مداخلت ڪري سگهي ٿي، ايتري گهرائي ۾ اسان ائين وڃي رهيا آهيون جيئن اليڪشن ڪميشن جي خلاف اپيل ٻڌي رهيا آهيون. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اليڪشن ڪميشن کان گهريو ڇا پيو وڃي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته غلطي ڪٿان ٿي ۽ ڪنهن ڪئي اهو ٻڌايو. جنهن تي وڪيل اليڪشن ڪميشن چيو ته ڪيترن ئي اميدوارن پارٽي وابستگي نه لکي ان سبب اميدوار آزاد تصور ٿيندا. جسٽس جمال خان مندو خيل چيو ته اصل شي پارٽي ٽڪيٽ آهي جيڪا نه هجڻ تي اميدوار آزاد تصوير ٿيندا، وڪيل چيو ته سني اتحاد ڪائونسل نه اليڪشن وڙهيو ۽ نه ئي ڪو اميدوار ڪامياب ٿيو. جسٽس منيب اختر چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن ٿئي به ها ته ڪهڙو فرق پوي ها؟ وڪيل جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان ملي وڃا ها ۽ هو چونڊن جي لاءِ اهل ٿي وڃي ها. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته گذريل چونڊن ۾ باب پارٽي کي ڪي پي ۾ مخصوص سيٽون ڪئين ڏنيون ويون هيون؟ وڪيل جواب ڏنو ته باپ پارٽي کي سيٽون ڏيڻ جو فيصلو قانون جي مطابق نه هيو. باب پارٽي کي سيٽون ڏيڻ واري معاملي تي ڪا ٻڌڻي نه ٿي هئي. بئرسٽر گوهر چيو ته بطور پارٽي اميدوار ۽ آزاد اميدوار به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. اليڪشن ڪميشن عدالت کي صرف هڪ فارم ڏيکاريو آهي ٻيو ناهي ڏيکاريو. عدالتي فيصلو رات جو يارهين وڳي آيو. اسان کي آزاد اميداور شام جو چار وڳي ئي قرار ڏنو ويو هو. پارٽي ٽڪيٽ جا ڪيترائي خواهشمند هوندا آهن جنهن کي ٽڪيٽ ملي اهو ئي اميدوار تصور ٿيندو آهي. اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ لڪايا آهن. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته پي ٽي آءِ جون 2018 ۾ به پارٽي چونڊون نه ٿيون هيون. تڏهن پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان ڪئين مليو هيو. چيف جسٽس چيو ته ان تي وينداسين ته چيئرمين سينيٽ جي چونڊ به کلي ويندي. مون کي اوهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي. اٽارني جنرل منصور اعواڻ دليل شروع ڪندي چيو ته عورتن جي سياسي عمل ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ مخصوص سيٽون رکيون ويون. مخصوص سيٽون صرف سياسي جماعتن جي تناسب نمائندگي تي ئي ملي سگهن ٿيون. چيف جسٽس چيو ته منهنجي حساب سان انگريزي ۾ لکيل ڳالهه ڪافي آسان آهي ايترا ڏينهن ٿي ويا آرٽيڪل 51 جي تشريح ڪندي اسان مفروضن تي ڇو هلي رهيا آهيون. پنهنجي سوچ ۽ نظريه آئين تي مسلط نٿا ڪري سگهجن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته مشڪلات اوهان جي ٺاهيل رولز پيدا ڪري رهيا آهن جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪاش منهنجو دماغ چيف جسٽس جهڙو هجي ها ته پڙهندي ئي سمجهي وڃان ها. ايترا ڪتابون ان ڪري پڙهي رهيا آهيون ته سمجهه ۾ اچي. بهتر آهي ته ڪمزور ججز کي به گڏ کڻي هلون. فيصلو اهڙو لکڻ گهرجي ته ميٽرڪ جو شاگرد به سمجهي وڃي. آئين ۽ قانون ججز ۽ وڪيل نه عوام جي لاءِ آهي. اسان هي چاهيون ٿا ته جنهن جو حق آهي ان کي ملڻ گهرجي. عدالت سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.