ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان سڙي رهيو آهي ۽ چئني صوبن ۾ باھ لڳل آهي، پ پ فيصلو ڪيو آهي ته باهه وسائڻي آهي ۽ پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻو آهي، جيڪڏهن اسان به احتجاج شروع ڪيو ته ملڪ ۽ وفاق جو نقصان ٿيندو باقي پيپلزپارٽي جي اميدوارن جون شڪايتون مناسب قانوني فورم تي کڻي وينداسين ۽ لاڳاپيل فورمن تان انصاف نه مليو ته پوءِ عوام سان گڏجي احتجاج ڪنداسين هو ٺٽي جي مڪلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم گرائونڊ ٺٽي ۾ عام چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي جي خوشي ۾ اظهار تشڪر واري هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪري رهيو هيو

هن چيو ته ته اليڪشن اسلام آباد جي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ نه پر عوام لاءِ وڙهيون ، ملڪ ۾ معاشي ۽ جمهوري بحران آهي، معاشري ۾ ورهائڻ جي سياست پئي ٿئي ۽ هر هنڌ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ جو عوام ڏکيائين ۾ آهي، معاشي بحران تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي، ٻين پارٽين کي به عوام جي تڪليف بابت سوچڻ گهرجي ها هن چيو ته ، ھي واحد اليڪشن آھي جنھن ۾ هارائيندڙ به احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ کٽندڙ به احتجاج ڪري رهيا آھن، صورتحال اها رهي ته ملڪ اڳتي ڪيئن هلندو جڏهن ته  چونڊون اهڙيون ٿيون آهن جو سڀ سياسي جماعتون احتجاج ڪري رهيون آهن

اليڪشن جي نتيجن موجب مان وزيراعظم جو حقدار ناهيان پر پيپلز پارٽي وفاق کي بچائڻ چاهي ٿي ۽ پ پ فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان کپي جو نعرو لڳائڻو آهي هن چيو ته 18 مهينا ميان صاحب سان حڪومت ۾ ترقياتي منصوبن جا واعدا پورا نه ٿيا، چيو ويو پهريان 3 سال حڪومت اسان کي ڏيو ۽ آخري 2 سال اوهان سنڀاليو، مان انڪار ڪيو ته ايئن وزيراعظم نه ٿيندس مونکي عوام وزيراعظم بڻائيندو هن چيو ته اسان وٽ ايتري اڪثريت نه هئي جو پاڻ کي وزيراعظم جي اميدوار طور پيش ڪريان، وفاق ۽ جمهوريت کي خطرو ٿيو ته ڪارڪنن کي نڪرڻ جي ڪال ڏينداسين

هن چيو ته اسان خان صاحب کي به سمجھائڻ جو ڪوشش ڪئي ته جمھوريت کي. مضبوط ڪريو، پارليامينٽ ۾ اچي پنھنجو ڪردار ادا ڪريو، اڄ به سندس جماعت غير سنجيدا آھي، ھُو چون ٿا اليڪشن کٽي چڪا آھن ۽ جيڪي ھنن جون سيٽون آھن پر پ پ پ جي سپورٽ کانسواءِ حڪومت نٿا ٺاھي سگھن، اسان وٽ جيڪي آيا آھن اسان انھن سان گڏ ويھڻ جو فيصلو ڪيو آھي هن وڌيڪ چيو ته پ پ پاران آصف علي زرداري کي صدر بڻايو ويندو جڏهن ته جيڪا به حڪومت ٺهندي ان ۾ عوام جي نمائندو بڻجي ان جي آواز طر قومي اسيمبلي ۾ ويهندس . ٺٽي واري پ پ جي اظهار تشڪر جي جلسي عام کي ان کان اڳ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ، پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ ، عاجز ڌامراھ پڻ خطاب ڪيو

جڏهن ته ان موقعي تي جلسي عام ۾ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ  ، اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو، پ پ پ ضلعي صدر ٺٽو ۽ ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي، ايم پي ايز حاجي علي حسن زرداري، رياض حسين شاھ شيرازي، محمد علي ملڪاڻي، شاھ حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين غلام قادر پليجو، پ پ اڳواڻن سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، عاشق حسين زرداري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي