19 سالن جي نوجوان 3 ٻارن جي ڏاڏيءَ سان مڱڻي ڪري ڇڏي

0
361
سالن جي نوجوان 3 ٻارن جي

ٿائي لينڊ(انٽرسٽنگ نيوز) ٿائي لينڊ ۾ هڪ حيرت انگيز واقعو پيش آيو آهي جتي 19 سالن جي نوجوان 3 ٻارن جي ڏاڏيءَ سان مڱڻي ڪري سڀني کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

پرڏيهي رپورٽن موجب ٿائي لينڊ ۾ هڪ 19 سالن جي نوجاون ۽ 56 سالن جي عورت جي مڱڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. 19 سالن جي نوجوان ووٿيچائي چنتاراج تقريبن 10 سال اڳ پنهنجي مڱيندي 56 سالن جي جانلا ناموانگرڪ سان ملاقات ڪئي، ان کانپوءِ عورت 10 سالن جي نينگر کان گهر جي صفائي ۽ ڪجهه ٻوٽا گهر منتقل ڪرڻ ۾ مدد گهري

ان ڏينهن کان اهو نينگر عورت جي گهر اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويو ۽ اهو سلسلو جاري رهيو. ٻئي پنهنجي شروعاتي رشتي کي دوستي طور بيان ڪندا آهن پر جڏهن چنتاراج 17 سالن جو ٿيو ته هن جي دل ۾ عورت لاءِ پيار جا جذبا پيدا ٿي ويا پر بعد ۾ ٻنهي ان دوستي کي رشتي جو نالو ڏئي ڇڏيو

رپورٽن موجب هلندڙ سال جي شروع ۾ ٻنهي پنهنجي گهر وارن کي پنهنجي رشتي بابت ٻڌايو ۽ پوءِ مڱڻي به ڪئي، ڏسندي ئي ڏسندي هنن جي محبت جي ڪهاڻي ٿائي لينڊ ۾ مشهور ٿي وئي. عورت جي پهرين شادي 20 سال هئي پوءِ طلاق ٿي وئي، عورت کي 3 ٻار آهن جن مان 3 پوٽا پوٽيون به آهن