ڪراچي: ڪراچي ۾ منشيات جي اڏن بابت خبرون هلڻ بعد پوليس جو موقف سامهون اچي ويو، ڪراچي پوليس جي  ترجمان موجب اسپيشل برانچ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن جي نشاندهي ڪندي رهندي آهي، انهن رپورٽن جي بنياد تي ايڊيشنل آءِ جي  جي حڪم تي ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، تازي رپورٽ تي انڪوائري جا حڪم ڏنا ويا آهن، الزام ثابت ٿيڻ تي منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا. ترجمان موجب هلندڙ سال غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث 180 آفيسرن ۽  اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، 62 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو، 15 اهلڪار جبري رٽائرڊ ڪيا ويا، انڪوائري آفيسرن جي سفارشن تي وڌيڪ ڪارروايون به ڪيون ويون آهن