نيڌرلينڊ (انٽرسٽنگ نيوز) نيڌر لينڊ ۾ شخص دنيا جي سڀ کان ڊگھي سائيڪل تيار ڪري ورتي. ميڊيا رپورٽن موجب نيڌر لينڊ سان تعلق رکندڙ هڪ شخص انجنيئرن جي ٽيم سان گڏجي 180 فوٽ ۽ 11 انچ ڊگھي سائيڪل ٺاهي دنيا جي سڀ کان ڊگھي سائيڪل ٺاهڻ جو رڪارڊ پنهنجي نانءَ ڪري ورتو. 39 ورهين جي آئيون شالڪ جو چوڻ آهي ته جواني کان سندس اهو خواب هو ته هو دنيا جي سڀ کان ڊگھي بائيڪ ٺاهي. گنيز ورلڊ رڪارڊز سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو ان خيال بابت ڪافي سالن کان سوچي رهيو هو. هڪ ڀيرو کيس گنيز ورلڊ رڪارڊز جو ڪتاب مليو، جنهن ۾ سندس نظر هن رڪارڊ تي پئي. ان رڪارڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن 9 ماڻهن تي مشتمل هڪ ٽيم جوڙي، جنهن جي مدد سان هن اها سائيڪل ٺاهي. شالڪ ٻڌايو ته سائيڪل ڊيزائن ڪرڻ ۽ ٺاهڻ هڪ ڊگھو عمل هو جيڪو ڪووڊ_19 جي عالمي وبا جي ڪري رڪجي ويو هو جنهن ڪري اهو ٻه سال دير سان مڪمل ٿيو.