ڪراچي(دلچسپ نيوز) برطانيا ۾ ڪرسٽين ميڪڊونلڊ ۽ سندس گهر واري هگ جو 17 مهينن ٻارڙي هلي راند دوران هڪ رانديڪي جي بيٽري ڳهي ويو. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي موجب بيٽري جڏهن ٻار جي نڙيءَ ۾ ڦاٿي ته والدين کي ان ڳالهه جو اندازو نه ٿيو ته ٻار جي ڳلي ۾ ڇا ڦاٿو آهي. ٻار جي ساهه ۾ تڪليف ٿيڻ سبب والدين هن کي فوري طور تي اسپتال کڻائي ويا تيستائين بيٽري ٻار جي نڙيءَ مان هن جي پيٽ ۾ وڃي پهتي هئي. ڊاڪٽرن موجب ٻار کي ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي محسوس ٿي رهي هئي بيٽري جسم اندر ڦاٽڻ سبب ٻارڙي جي دل ۾ سوراخ ٿي چڪو هو ۽ جسم مان رت ٻاهر طرف وهڻ شروع ٿي چڪو هو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ڄمي نه پيو ۽ ٻارڙي جي منهن ۽ نڪ مان رت جاري هيو. ٻارڙي کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آخر ڪار ٻارڙو فوت ٿي ويو.