اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف هنڌن تي 118 ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرلن کي عهدن تان هٽائڻ جي منظوري ڏيندي 128 وڪيلن کي ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايوان صدر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر چوڌري عامر رحمان کي ايڊيشنل اٽارني جنرل 4 اسلام آباد کان ايڊيشنل اٽارني جنرل اسلام آباد هڪ جي عهدي تي بدلي ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جڏهن ته مرزا نصر احمد کي ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ لاهور کان ايڊيشنل اٽارني جنرل 2 لاهور جي عهدي تي بدلي ڪرڻ جي منظوري ڏيندي ولايت علي جي بطور اٽارني جنرل گلگت بلتستان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي، صدر اهڙين مقررين جي منظوري قانون وزارت جي سمري تي ڏني آهي.