شڪاگو(انٽريسٽنگ نيوز) 104 سالن جي آمريڪي ٻڍڙي عورت اسڪاءِ ڊائيونگ ڪري عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو. ان کان اڳ اهو اعزاز گذريل سال سوڊان سان تعلق رکندڙ 103 سالن جي عمر واري عورت وٽ هو. غير ملڪي ميڊيا رپورٽس موجب 104 سالن جي عورت جو نالو ڊوروٿي هوفنر آهي جيڪا آمريڪي شهر شڪاگو ۾ رهي ٿي، هن اسڪاءِ ڊائيونگ به شڪاگو ۾ ئي ڪئي آهي. پيرسن عورت پنهنجي ڪارنامي تي تمام گهڻو خوش آهي، عورت جي اهڙي وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي. پيرسن عورت اسڪاءِ ڊرائيونگ دوران ڊڄڻ بدران مزي سان برگر کائيندي رهي