ھڱورجا (ن پ ا ) ڳوٺ غلام حسين جتوئي جو رھواسي نوجوان محمد عثمان جتوئي ھڱورجا اسپتال ۾ فوت، وارثن جو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي خلاف احتجاج، نعريبازي. تفصيل موجب ھڱورجا لڳ ڳوٺ غلام حسين جتوئي جي رھواسي 25 سالن جي عثمان جتوئي کي گذريل ڏينهن تيز بخار ۾ سرڪاري اسپتال ھڱورجا آندو ويو. وارثن ممتاز، مقصود ۽ ٻين اسپتال انتظاميا، ڊاڪٽرن ۽  عملي خلاف  مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ھڱورجا اسپتال غريب علائقي واسين لاءِ بي لاڀ بڻيل بڻيل آهي، گذريل ڏينهن نوجوان کي بخار جي حالت ۾ اسپتال آندوسين پر ڪوبه ڊاڪٽر موجود نه هو. ان ڪري نوجوان عثمان جتوئي اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ھنن صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.