ھڪ جپسي ڪالم … سنڌ کي دوزخ ته نه بڻايو !

0
29
ھڪ جپسي ڪالم ... سنڌ کي دوزخ ته نه بڻايو !

ڪالھ صبح جو جڏھن مان ملتان کان ھزاره ايڪسپريس انچارج طور ورڪ ڪندي سنڌ طرف اچي رھيو ھئس ته بھاولپور شھر ۾ داخل ٿيندي ئي ستلج درياھَ جي سُڏڪندڙ ۽ سُڪلَ وجود جي خبر پوي ٿي، ڪٿي ڪٿي پاڻيءَ جا ننڍا ننڍا دُٻا، جن جي چئوڌاري چِلڪندڙ واريءَ جا جابجا ڦھليل دَڙا سج جي تيز ترين تِروِرن وچان ڄڻ سراب واري پاڻيءَ جو ڏيک ڏئي رھيا ھئا، ان پُل ۽ ان جي ھيٺان ليٽيل درياءَ جا اولڙا پنجاب جي لوڪ داستانن ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ جابجا ملن ٿا، پر پوءِ اھو درياُھُ ٻن ٻين دريائن راوي ۽ بياس سميت ھندستان جي حوالي ٿي ويو، ستلج درياءَ جي لوھي ۽ مضبوط پل اڄ به کڙي تڙي بيٺل آھي، جا، انگريزن اھڙي ته ڪمالگيريءَ سان ٺاھي ھئي جو اڄ تائين اسان پاڪستانين جي ڪم اچي رھي آھي، انھيءَ پل تان ڀلي ٻه ٽرينون گڏ گڏ ھڪ ٻئي جي ڀڪ مان گذرن پر پل جي فريم کي ھلڪي جنبش به نه ٿي اچي، اھو ڪمال انھن انجنيئرن جو ھو جن پنھنجون فنڪار يادگيريون اسان وٽ ڇڏيون ھيون ته اسان اھي سڀ سنڀالي وٺنداسين پر اسان اھا قوم آھيون جيڪا اگر پاڻ کي ئي سنڀالي وٺي ته وڏي ڳالھ ٿي وڃي. افسوس اھو ڪمال اڄ جي قوم ۾ ڪٿان به ٿيندي نه ٿو ڏسجي. ستلج، بياس ۽ راوي درياھَ جيڪي عظيم ۽ پراچين يڳن کان سنڌو درياءَ کي ڀرتي ڪندڙ درياھَ ھئا پر 1960 جي ايوب خاني دئور ۾ انڊيا سان معاھدي تحت اھي ٽئي درياھَ جن جي پاڻين جي مجموعي ڪٿَ 33 ملين ايڪڙ ڦُٽَ (ايم اي ايف) ٿئي ٿي، انڊيا جي حوالي ڪيا ويا، جنھن کان پوءِ اسان جو وڏو ڀاءُ پنجاب رڳو نالي ۾ ئي پنج آبَ يعني پنج درياھن واري سرزمين وڃي رھيو آھي. مون کي جڏھن به ڪو انٽيليڪچوئل ملتان يا خانيوال ۾ ٽڪربو آھي ته مان ضرور پڇندو آھيانِ ته وڏا ڀاءُ ٻڌايو، ٻن ندين وارو پنجاب ھاڻ ڪيئن ٿو ترقي ڪري؟ ته اھي عام طور تي اھو ئي جواب ڏيندا آھن ته درياءِ سنڌ آھي نه، اھو اسان جون سڀ ضرورتون پوريون ڪري رھيو آھي ۽ انھن جي سوچ ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿو اچي سگھي، ڇو ته پنجاپ جي ماڻھن کي اول ڏينھن کان اھو ئي پڙھايو ويندو آھي، ته وڏو ٿي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻو آھي، فوج لفظ کي مون پنجاپ ۾ مذھبي عقيدتن جي ڀِڪ ڀِڪَ ۾ محسوس ڪيو آھي، ھڪ عام پنجابي به سمجھي ٿو ته اسان کي جيڪي ڪجھ حقي يا ناحقي ملي رھيو آھي، اھو فوجَ جي مُھابي ملي رھيو آھي، ان ڪري انھن جي فوج ڀلي پاڪستان جي فوج ليکي وڃي پر اھا تحفظ سدائين پنجاب جو ڪندي آھي، ان بعد ٿورو ٿڪو خيبر پختونخوا جو ان جي مقابلي ۾ اسان سنڌي ۽ بلوچ پڇڙيءَ جي آبادگار جيان سدائين سِڪائيندا رکيا ويندا آھيون، يعني اسان جي ٻنھي ننڍن صوبن جي وسيلن کي کائڻو به آھي ته انھن تي اک به ڪَرڙي رکڻي آھي، جيئن انھن ٻنھي قومن ۾ جاڳرتا جي ڪا لھر انھن جي مفادن کي لوڏي نه وجھي. اسان کي پنھنجي پاڪستاني ڪورس ۾ ھميشه اھو ڪجھ پڙھايو ويندو رھيو آھي، جنھن جي پڙھڻ سان اسان پنھنجي زندگين ۾ ڪابه ڪارائتي تبديلي آڻي ئي نه ٿا سگھون، اڄ به اسان جي نصاب ۾ دودي ۽ دولھ دريا خان جھڙن اَمُلھ سنڌي ماڻڪن لاءِ ڪابه جاءِ شعوري طور تي نه رکي وئي آھي، ان بجاءِ انھن ڦورن ۽ لُٽيرن کي اسان جا ھيرو ڪري پيش ڪيا ويندا آھن جن “ڪبھي ڪوئي نماز قضا نهين ڪي اور ڪبھي اپنا ڪوئي بھائي جيتا نھين ڇوڙا.” اھو اورنگزيب جنھن لاءِ اسان کي پڙھايو ويندو آھي ته ھُو ڪلام پاڪ لکي ۽ وڪڻي پنھنجو ۽ پنھنجي خاندان جو پيٽ پاليندو ھو.

ڳالھ سنڌو درياءَ جي ھلي رھي ھئي ۽ اسان وري تاريخ جي ورن وڪڙن ۾ وڃائجي وياسين. ضلعي بھاولپور جي آخري ڪنڊ ۾ ھڪ ھنڌ آھي، جنھن کي “پنج ند يا پنجنَد” ڪري پُڪارين ، ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي پنجاب جا سمورا درياءَ پاڻ ۾ گڏجن ٿا، يعني جھلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج پاڻ ۾ سنگم ڪن ٿا. ٻه درياءَ جھلم ۽ راوي درياءِ چناب ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، جڏھن ته بياس ندي وري ستلج ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، ايئن اڳتي ھلي ستلج ۽ چناب سمورو پاڻي کڻي اُچ شريف جي ڀِڪَ ۾ پنجند جو درياءُ بڻائين ٿا، اھي سمورا درياءَ تقريبن 45 ميل ڏکڻ طرف سفر ڪري  بابا فريد جي نگري مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري پنھنجي سفر پورو ڪن ٿا. ان ئي مقام تي اڳ ۾ چون ٿا سرسوتي ندي به سنڌو درياءَ  سان ملندي ھئي پر پوءِ اھا وقت جي واريءَ ۾ لَٽِجي پنھنجو وجود رڳو لوڪ داستانن ۾ ئي محفوظ ڪري سگھي آھي. پنجاپ جون لوڪ ڪٿائون ڪمال جون آھن، انھن جا لوڪ داستان بس ويھي ڪو ٻڌي اسان ته اڄ تائين امرتا پريتم جي “اج آکان وارث شاھ نون” کان اڳتي وڌي ئي نه سگھيا آھيون.

انڊيا کي پنجاپ جا ٽيئي مک درياءَ وڪڻي انھن پئسن مان اسان جي پاڪستاني اشرافيه تربيلا ۽ منگلا ڊيم ته ٺاھيا پر اھي به عملي طور تي پنجاب جي ضرورتن جي ئي پورائي لاءِ آپريٽ ڪيا وڃن ٿا، سنڌ جي ڪُوڪن ۽ دانھن تي وڏي ڀاءُ ڪڏھن به غور ڪرڻ پسند ئي نه ڪيو آھي.. منھنجي ڊيوٽيءَ جي روٽين مطابق مان ھر ھفتي ٽي ٽرينون پنجاب جون ورڪ ڪندو آھيان ۽ تحصيل لياقتپور کان پوءِ ننڍن وڏن واھن جا جام سارا سلسلا نڪرڻ شروع ٿين ٿا جيڪي آخر وڃي سمه سٽا اسٽيشن جي آخري نھر وٽ دنگ ڪن ٿا .. ھيءُ سمورو اھو پاڻي آھي، جنھن کي اسان جي ارسا ڳولھڻ يا ٽريس ڪرڻ چاھي به ته نه ٿي ڪري سگھي، ڇوته وڏي ڀاءُ جي لانگ بوٽَ جي کُڙي اسان جي پيپلائي حڪمرانن جي ڳچيءَ تي رکيل آھي، اھوئي سبب آھي جو اسان جو صدرِ پاڪستان زرداري صاحب اقتدار جي حاصلات لاءِ پاڪستان کپي جو نعرو بظاھر ته ھڻي ٿو پر ان نعري جو اصل مفھوم اھوئي وڃي بيھي ٿو ته سنڌ کي ڀلي تين وال ڪريو پر منھنجي صدارت کي مقرر مدي تائين ڪو لھر يا لوڏو نه ھجڻ کپي.

سنڌ وٽ پراچين يُڳن کان سنڌو درياءُ آھي، پر اھو به تيستائين ھئو جيستائين سنڌوءَ تي اڳ ۾ بئراج ۽ پوءِ ڊيم نه ٺھيا ھيا، ھاڻي ته اسان جي مھراڻ مٿان ايترا ته ڊيم ٺھي ويا آھن جو اسان جيڪو اڀرو سڀرو پاڻي سکر شھر جي ڀڪَ ۾ وھندي ڏسون ٿا اھو به ھڪ اھڙي معجزي جيان محسوس ٿيندو آھي، جنھن کي رڳو ڏسي ئي سگھجي ٿو پر ان مان فائدو نه ٿو وٺي سگھجي. سکر ۾ اڄ به پيئڻ جي پاڻيءَ جو وڏو بحران پلجي رھيو آھي، جنھن جي ھڪ جھلڪ رڳو سکر بورڊ آفيس جي پاڻيءَ جي پوائنٽ تي ڏسجي سگھجي ٿي جتان پورو علائقو پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ اچي ٿو، ڪنھن کي پاڻيءَ جو ڪولر ڪُلھي تي آھي، ته ڪو سائيڪل يا موٽرسائيڪل تي پاڻيءَ جا ڪينَ ڀري ھڪڙي ڏينھن جو گذران ڪري ٿو. ھاڻي ته پاڻي ڀرڻ به آفيس وڃڻ جيان روز جي ڊيوٽيءَ جو ڪو معمول ٿي پيو آھي، جنھن ۾ ھر ڪوئي مصروف لڳو پيو آھي. منھنجي گھر ۾ واٽر سپلاءِ جي جيڪا لائين لڳل آھي، ان ۾ جڏھن به پاڻي ايندو آھي ته اڌ ڪلاڪ کن ته انتظار ڪرڻو پوندو آھي ته نالين ۽ گٽرن جو ڪنو پاڻي اڳ ۾ نيڪال ٿي وڃي ان بعد نارمل پاڻي اچڻ شروع ٿيندو آھي، واٽر سپلاءِ جو اھو پاڻي ايترو ته ھلڪو ۽ بي وزن ھوندو آھي جو ھڪ جاءِ تي چار گلاس به پي وٺجن تڏھن به اڃ ۽ تاسَ نه ٿي وڃي .. سڀ کان وڏو ھاڃو ته اھو ئي آھي جو اسان جي پوري سنڌ جو گذران جنھن درياءَ مٿان آھي، ان درياءَ ۾ وڏي بھادريءَ ۽ نڪ جي پڪائيءَ سان شھر جي گندين نالين جو سمورو پاڻي موٽرن وسيلي پمپ ڪيو وڃي ٿو يعني سرڪاري خرچ تي شھر جو گندو پاڻي شھر جي چئني پاسن کان گڏ ڪري سنڌو درياءَ ۾ وھايو پيو وڃي، ان ڪرمنل حرڪت جي انت لاءِ اڃان تائين سکر شھر جي ڪنھن به وڪيل ڪا رٽ يا پٽيشن داخل نه ڪرائي آھي، ڇوته ھاڻ اسان جا ميونسپل ادارا پنھنجو سرڪاري يا ليجيٽيميٽ ڪم به پاڻ ھرتو ڪرڻ جي لائق نه رھيا آھن. ھاڻي انھن ستل ھاٿين کي جاڳائڻ لاءِ به ڪورٽن جو سھارو وٺڻو پئجي رھيو آھي. اسان جو سنگتي سُھيل ميمڻ وڏي وقت کان لئنسڊائون برج جي بحاليءَ واري جدوجھد ۾ مصروف رھيو آھي، مس مس ڪورٽ سڳوريءَ جي آرڊر تي ھاڻ ان انگريزن جي تحفي جھڙي برج جي بحاليءَ جو ڪم شروع رھيو آھي ۽ ڪمال جي ڳالھ اھا آھي جو پل جي ٻنھي ڇيڙن وٽ بي انتھا نڪَ جي پَڪائيءَ ۽ نرڄائيءَ وچان ھڪ بورڊ ھنيو ويو آھي جنھن تي لکيل آھي ته ڪورٽ سڳوريءَ جي حڪم جي پوئواريءَ طور پُل جي مرمت جو ڪم جاري آھي. يعني جيڪڏھن ڪورٽ سڳوري نوٽيس نه وٺي ھا ته لاڳاپيل اداري جي ننڊ ۾ ڪڏھن به ڪو خلل نه وجھي سگھي ھا. مھرباني آھي ڪورٽ سڳوريءَ جي. جو اھي اسان جي ادارن کان ٿورو ٿڪو ڪم وٺي رھيا آھن نه ته اھي ڪڏھن به ڪکُ ڀڃي ٻيڻو نه ڪن ھا.