ھي منهنجو آخري ورلڊ ڪپ ھو … ڀارتي ٽيم چيمپئن بڻجي وئي پر روهت ۽ ڪوهلي نه رهيا

0
10
ھي منهنجو آخري ورلڊ ڪپ ھو ... ڀارتي ٽيم چيمپئن بڻجي وئي پر روهت ۽ ڪوهلي نه رهيا

اسان  سنڌ  وارن  ازل  کان اياز،

ڪنهين لاءِ مندي، سمائي نه من.(شيخ اياز)

ميچ جي نتيجو اچي چڪو ھو، ڀارتي ڪپتان روھت شرما پاڻ کي ڌرتي ماءُ جي حوالي ڪري چڪو ھو، اھو لمحو ان ڳالهه جي شاھدي ھئي ته ھن جي ويجهو ھيءَ راند ڪيتري اھميت رکي ٿي.

اھو شخص ٻه ڀيرا جنهن ٽرافيءَ کي ڇهڻ کان رھجي ويو ھو، اڄ نيٺ اھا ٽرافي ھميشه ھميشه لاءِ سندس نالي ٿي چڪي ھئي.

ھو ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين ڪپتان مهيندر سنگهه ڌونيءَ کانپوءِ ٻيو ڪپتان بڻيو جنهن ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فاتح بڻايو جنهن لاءِ ڀارتي ٽيم ۽ مداحن کي 17 ورھين جي ڊگهي انتظار مان گذرڻو پيو.

اڻويهه سئو ٻيانوي جي برسات بعد ڊي ايل ايس فارمولي، نوانوي ۾ گبز جو ڪئچ ڇڏڻ ۽ وري ڪلوزنر جي دنگ ڪري ڇڏيندڙ اننگز کانپوءِ ايلن ڊونلڊ جو رن آئوٽ، ٻه ھزار ٽي ۾ وري برسات، ٻه ھزار ست ۾ پونٽگ جي جملي بازي،

2014 ۾ ڪوھلي جي شاھڪار اننگز ۽ سال 2015 واري عالمي ڪپ ۾ گرانٽ ايليٽ جي زبردست ھٽنگ، ھي اھي سڀ ڀوائتا خوابَ آھن جيڪي ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ جي تاريخ کي چوڪرز جي ٽيگ سان داغدار ڪندا رھيا، اھو بدنام ٽيگ ختم ڪرڻ لاءِ ڏکڻ آفريڪي اوپنر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنلز جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ھدف حاصل ڪرڻ لاءِ جڏھن ميدان تي لٿا ته ھر وڪيٽ ڏکڻ آفريقا جي ان ڏکائيندڙ ماضيءَ جي ياد کي تازو ڪري رھي ھئي.

برج ٽائون جي ميدان تي ھيءَ ٽيم اھڙو ڪجهه ڪري پئي سگهي جيڪو تاريخ ۾ سدائين لاءِ امر ٿي وڃي ھا ڇو ھڪ موقعي تي چئن اوورز ۾ رڳو 26 رنسون گهربل ھيون ۽ پروٽيز جون ڇهه وڪيٽون باقي ھيون، ڀلا ڪلاسن، ڊيوڊ ملر سان گڏجي جنهن انداز ۾ کيڏي رھيو ھو ڪير سوچي ٿي سگهيو ته ڀارت اتان واپسي ڪندو ؟ پر ڀارت نه رڳو واپسي ڪئي پر ورلڊ چيمپيئن جو تاج پڻ پنهنجي سر تي سجائي ورتو.

بد قسمتي سان ڏکڻ آفريقا ھن دفعي صرف ھڪ وک پوئتي رھجي ويو، ان باوجود مارڪرم جي ٽيم چيمپئنز جيان کيڏي جيتوڻيڪ اھا ٽيم ٽرافي نه کٽي سگهي پر سموري دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي عاشقن جون دليون کٽي ورتيون اٿائين .

ڪپتان روھت شرما جي صبر، ويرات ڪوهلي جي تجربي، اڪشر پٽيل تي ڀروسي، ھاردڪ پانڊيا جي سياڻپ، سوريا ڪمار ياديو جي حاضر دماغي، بمرا جي اسپيل، ارشديپ جي ڊسيپلين، ڪلديپ جي جادوءَ، جاڙيجا جي صلاحيت، پنت جي رھنمائي، دوبي جي دليريءَ، سراج جي سهپ ۽ ھو جيڪو ڊريسنگ روم ۾ ويٺي حڪمت عملي تيار ۽ طئي ڪندو رھيو دي وال دي جينيس راھول ڊريوڊ انهن سمورن جي ڪاوشن ڀارت کي ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ ۾ انتهائي اھم ڪردار ادا ڪيو.

ان کانسواءِ اسان نيٺ ھن عالمي ڪپ ويرات جي بيٽ مان رنسون ٺهندي ڏٺيون، ھن سيمي فائنل ۾ ڪپتان روھت شرما جي ڳالهه کي درست ثابت ڪري ڏيکاريو ته ھن فائنل لاءِ ڪجھه بچائي رکيو آھي.

ھي ورلڊ ڪپ ڀارت جي عظيم بيٽرز ويرات ڪوهلي ۽ روھت شرما جي الوداعي ايونٽ پڻ ھو، فائنل ۾ اينڪر جو رول پلي ڪندڙ ويرات ڪوھليءَ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو ۽ ھن پنهنجي تقرير جي شروعات ئي ھن جملي سان ڪئي  ” ھي منهنجو آخري ورلڊ ڪپ ھو” ۽ بس….. (فيس بوڪ تان ورتل)