سنڌڙي (ن پ ا) ميرپورخاص ۾ ايڊز جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ ھليٿ ڪئير ڪميشن جي ٽيم پاران ڦلھڏيون ۾ ڇاپا هڻي 6 عطائي ڊاڪٽرن جو اسپتالون سيل ڪري ڇڏيو، ھليٿ ڪئير ڪميشن جي ٽيم ڇاپا هڻي عطائي ڊاڪٽر لونگ ميگھواڙ، ڪرمون مالھي، نور محمد مري، راڻو مالھي، سترام ڀيل ۽ پرڀو ڪڇي جون اسپتالون سيل ڪيون ويون، ھليٿ ڪئير ڪميشن جي ٽيم پاران ڦلھڏيون پوليس کي هدايت ڪئي ته ٻيھر سيل ٿيل اسپتال نه کلڻ ڏنيون وڃن.