لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ خان محمد ڏاهاڻي ۾ گهر وارن سان ڪاوڙجي 22 ورهين جي نوجوان مراد علي پٽ نور محمد ڏاهاڻي مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل پئي ڪيو جنهن رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو بعد ۾ نوجوان جو لاش لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي دوست اياز جتوئي ٻڌايو ته مراد علي ڏاهاڻي گهر وارن سان ڪاوڙجي گهر ٻاهران زرعي زمينن تي وڃي واهه ڀرسان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري پاڻ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسان لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل پئي ڪيو جنهن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو بعد ۾ ٽراما سينٽر جي ڊاڪٽرن پڻ سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو