ڳڙھي ياسين (ن پ ا)ڳڙھي ياسين جي ميمڻ محلا جو نينگر شاگرد 13 سال جو فراز  ميراڻي ٻن ڏينھن کان لا پتا آھي. وارثن پاران نينگر جي اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو آھي.ان ڏس ھدايت الله ميراڻي  ٻڌايو ته پٽ 6 هين ڪلاس جو شاگرد  اھو چئي گھران نڪري ويو ته مدرسي وڃي رھيو آھيان نه اچڻ تي مٽن مائٽن سميت دوستن وٽ ڪافي ڳولا ڪئي پر ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگھيو. ھن چيو ته ڪنھن سان به دشمني ناهي، خدشو آھي پٽ کي اغوا ڪيو ويو آھي، پٽ لاپتا ٿيڻ جو ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي به اطلاع ڪيو آھي. ھن ايس ايس پي شڪارپور کان گھر ڪئي ته مدد ڪري  پٽ واپس ڪرائي ڏنو  وڃي.