اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ نجي ميمبرن جي ڪارروائي واري ڏينهن تي به رولز معطل ڪرائي 3 حڪومتي بل منظور ڪرائي ورتا، جن ۾ حڪومت آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل ڪالهه ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ساڳئي ڏينهن تي منظور ڪرائي ورتو،تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت ۾ ٿيو، حڪومت نجي ميمبرن جي ڏينهن تي به حڪومتي بل منظور ڪرائڻ لاءِ رولز معطل ڪرائي 3 بل منظور ڪرائي ورتا، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2023 پيش ڪيو ويو، حڪومت بل کي ڪاميٽي کي موڪلڻ کانسواءِ سڌي ريت ايوان مان منظور ڪرائڻ لاءِ به موشن پيش ڪيو، جنهن جي به ايوان منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ايوان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع ۾ ترميم جو بل 2023ع منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، پيش ڪيل بل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي مختلف مامرن جي تشريح ۾ وسعت ڪئي وئي آهي، بل ۾ شامل ڪيل تشريح ۾ دستاويز جي تعريف ۾ لکيل، اڻ لکيل، ورچوئل، اليڪٽرانڪ يا ڊجيٽل مسودي کي به شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ملٽري طاقت ۽ صلاحيت يا اسلحي، گولابارود جي خريد ۽ وڪري بابت معاملن کي به ايڪٽ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، انٽيليجنس ايجنسي جي تعريف ۾ آءِ بي سان گڏ آءِ ايس آءِ کي به شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، منع ٿيل جاين جي تعريف ۾ پاڪستان جي دفاع بابت آفيسن، ڪيمپ آفيسن ۽ عمارتن جي ڪنهن حصي کي به شامل ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، ايڪٽ ۾ جنگ جي زماني سان گڏ امن امن جي زماني کي به شامل ڪرڻ جي ترميم به شامل آهي، بل تحت حڪومت کي ڪنهن به اهم بنيادي ڍانچي کي نوٽيفڪيشن ذريعي منع ٿيل علائقو قرار ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ ، مواصلات جي ذريعن ۾ بري ۽ بحري رستن سان گڏ فضائي رستن کي به شامل ڪرڻ، هٿياربند فوجن پاران وار گيمز، مشقن، تربيت، تحقيق ۽ ترقي، فوج جي چرپر، ان ڪيمرا بريفنگ لاءِ عارضي طور تي استعمال ٿيندڙ هنڌن کي به منع ٿيل هنڌ قرار ڏيڻ، اندورني ۽ پرڏيهي ملڪ محفوظ معلومات يا اثاثن جي حامل ڪنهن به هنڌ، ايراضي، عمارت يا جائيدا کي منع ٿيل هنڌ قرار ڏيڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي آهي، بل تحت ڪو به شخص سڌي يا اڻ سڌي طرح، ارادتن يا غير ارادي طور تي ڪنهن غير ملڪي قوت، ايجنٽ، غير رياستي عنصر يا گروهه لاءِ ڪم ڪري ته ان کي دشمن تصور ڪيو ويندو، ڪنهن به ممنوعه قرار ڏينل هنڌ، معلوماتي سسٽم، نيٽ ورڪ يا ڊيٽا تائين سڌي ريت رسائي ريت يا  اليڪٽرانڪ، ورچوئل رسائي کي غير قانوني تصور ڪيو ويندو، ممنوعه قرار ڏنل هنڌ تائين رسائي، ان ۾ داخلا، حملو ڪرڻ، تباهي ڦهلائڻ، اهڙي هنڌ جو اسڪيچ ٺاهڻ، پلان يا ماڊل ٺاهڻ جنهن سان دشمن کي فائدو پهچي اهو عمل قابل سزا جرم تصور ٿيندو، ڪو به سرڪاري ڪوڊ، پاس ورڊ، اليڪٽرانڪ ڊوائيس حاصل ڪرڻ، رڪارڊ شايع ڪرڻ يا ڪنهن کي ٻڌائڻ به جرم تصور ٿيندو، ڪنهن اليڪٽرانڪ ڊوائيس ذريعي يا ان کانسواءِ پاڪستان اندر يا ٻاهر دستاويز يا معلومات تائين غيرقانوني رسائي حاصل ڪرڻ، فورسز جي سگهه، اسلحي يا آلات جي ايجاد، تحقيق، پيداوار، مينٽيننس آپريش يا اسٽوريج بابت معلومات حاصل ڪرڻ به ڏوهه تصور ٿيندو، پاڪستان اندر يا ٻاهر ڪنهن به پرڏيهي ايجنٽ جي ايڊريس تي وڃڻ يا ان سان منسلڪ ٿيڻ واري عمل کي دشمن سان رابطو تصور ٿيندو، ڳجهن ادارن سان سلهاڙيل اهلڪارن، مخبر جي ذريعن جي ڄاڻ ظاهر ڪرڻ به جرم تصور ٿيندو، اهڙي جرم جي مرتڪب کي ٽن سالن تائين قيد، 10 لکن تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ واري جي معاونت ڪرڻ، سازش يا سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي به اهڙي سزا ملندي، هن ايڪٽ تحت ڪنهن به جرم ٿيڻ يا اهڙي جرم ٿيڻ جو شق هجڻ تي ڳجها ادارا ڪنهن به هنڌ تي بغير وارنٽ جي تلاشي وٺي سگهندا، هن ايڪٽ تحت گرفتار ڪيل شخص يا ان جي قبضي ۾ ورتل سامان کي ڳجهي اداري جا جاچ ڪندڙ آفيسر يا گڏيل جاچ ٽيم کي ڏنو ويندو، هن ايڪٽ تحت جاچ آفيسر ايف آءِ اي جو گريڊ 17 يا ان کان وڌيڪ گريڊ رکندڙ آفيسر هوندو، هن ايڪٽ تحت جاچ آفيسر يا جي آءِ ٽي 13 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جي پابند هوندي. جنهن کان پوءِ پارلياماني مامرن جي وزير توشا خانه مينيجمينٽ ۽ ريگيوليشن بل 2023ع منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي سينيٽ کان پوءِ قومي اسيمبلي به منظور ڪري ورتو ۽ ائين پاڪستان جي ايئرپورٽس کي آئوٽ سورس يعني نجي شعبي حوالي ڪرڻ جي عمل کي آسان بنائڻ لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي کان ايئرپورٽس جا مامرا ڌار ڪري انهن مامرن کي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي حوالي ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي قيام جو بل 2023ع منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کي به سينيٽ پاران ڪيل ترميمن جي صورت ۾ منظور ڪيو ويو، هاڻي ايئرپورٽ اٿارٽي بل ۽ توشا خاني جي تحفن جي مينيجينٽ ۽ ريگيوليشن جو بل صدر کي صحيح لاءِ موڪليو ويندو، صدر جي صحيح کان پوءِ اهي ٻئي بل قانون تصور ٿيندا. جڏهن ته راڻا قاسم نون پاران پيش ڪيل قرارداد به ايوان منظور ڪري ورتي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گوادر پورٽ جو نالو گوادر پاڪستان کي وٺي ڏيندڙ اڳوڻي وزيراعظم فيروز خان نون جي نالي سان رکيو وڃي، جڏهن ته سرڪاري ادرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مقرر ٿيل اجرت جي ادائگي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ جي يو آءِ جي عاليه ڪامران پاران پيش ڪيل قرارداد به منظور ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني انجنيئر جي ڊگري رکندڙ پارليامينٽيرين لاءِ ڪاڪس قائم ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن کي به منطور ڪيو ويو.