ڳالهيون ڳنوارن جون … انگريزن جي دور جا ڊاڪ بنگلا ۽ هريا، ڀريا باغ

0
9
ڳالهيون ڳنوارن جون ... انگريزن جي دور جا ڊاڪ بنگلا ۽ هريا، ڀريا باغ

بهشت جي نشانين مان هڪڙي نشاني اهي باغ آهن، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون. اهي ڦل ۽ ميوا آهن، جن کي کائي بهشتي آرام پيا وٺندا. حورون ۽ غلمان سندن خدمت ۾ پيا هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا.

                 تاريخ جا ورق واري، اکيون ٻوٽي، پوئتي ٿو نهاريان ته سڄي سنڌ ۾ رڳو باغ ئي باغ نظر ٿا اچن. ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ سچ پچ بهشت جو ڪو ٽڪرو هجي. ٺٽو، ميرپور خاص، واگهريجي، ٽنڊوڄام، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، مورو، جتوئي، ٺارو شاهه، ڀريا، درٻيلو، خيرپور، قاضي احمد، دولتپور، ڪهڙا شهر ڳڻي ڪهڙا ڳڻايان. سنڌ سڄي باغن ۾ ويڙهيل هوندي هئي. انهن باغن مان ڪيترن کي اکئين ڏسڻ جو موقعو مليو. نيڻ ٺري پوندا هئا. دل باغ بهار ٿي پوندي هئي. فطرت اهي موقعا ڪيئن نصيب ۾ لکيا، ان جو ٿورو احوال ٻڌائيندو هلان.

                 70/1966 عمر 18 سالن جي لڳ ڀڳ. لا ابالي ۽ مست الست جواني جا ڏينهن. جي ٽي ايس جي نوڪري ننڍڙي پر مان ۽ مرتبو وڏو. لاريون چيڪ ڪرڻ لاءِ سرڪاري جيپ مليل. وڏو ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد. فليٽ ۾ سوين لاريون. پنهنجو نجو ورڪشاپ. لارين بيهارڻ لاءِ ڪشادو يارڊ. پروقار آفيسون ۽ رهائش لاءِ پنهنجي ڪالوني. ٻيو وڏو هيڊڪوارٽر سکر. ان جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر ڌار. انهن کان علاوه سانگهڙ، ٺٽو، ڪراچي، شڪارپور، ۽ ميرپور خاص ۾ ننڍيون اسٽيشنون. سڄي سنڌ جي ننڍي وڏي شهر ۾ بسن جا اڏا يا ڊيپو. هر شهر مان صبح جو پنجين وڳي بسن جي روانگي شروع ٿئي. اهڙي طرح سنڌ جون بسون سنڌ جي حد ۾، پنجاب جون بسون پنجاب جي حد ۾. ٻئي جي حد ۾ وڃڻ جي بنهه اجازت (پرمٽ) ڪانه. نه اوپريون لاريون اچن نه اوپري خلق. انهن لارين جي چيڪنگ جي بهاني ڪا رات ڪراچي ته ڪا سانگهڙ. نيرن ٺٽي ۾ ته مانجهاندو موري ۾ ۽ ٻي رات وري ڪنهن نه ڪنهن ڊاڪ بنگلي ۾.

ڊاڪ بنگلا ٺهيل ئي هوندا هئا باغن ۾. انگريزن انتظام ئي اهڙو ڪيو هو جو، اعلى عملدار جي جيئن ئي منزل ڊاڪ بنگلي تي ٿئي، ته اتي هر شي حاضر ملي. ميوات، سبزيون، گل ڦل وغيره. سنڌ جا ماڻهو سدورڙا. مکڻ ماکي ڇيلا ڪڪڙ صاحب لاءِ هڪيا حاضر. بنگلا وري اهڙا جو اونهاري ۾ ٿڌا. بادبان مان ٿڌي هوا پئي ايندي. سياري ۾ وري بخاري ۾ سڪل ڪاٺيون آڻي، ٽانڊو ٻاري، آرام ڪرسين تي ويهي هٿ به پيا سيڪبا ۽ جام تي جام به پيو هلندو. نه رڳو سرڪاري سطح تي باغ پوکرايا ويا پر باغن پوکرائڻ لاءِ انگريزن حڪمت عملي اها جوڙي جو، ايريگيشن قانون (مئنيوئل) ۾ لکي ڇڏيائون ته، جيڪو به زميندار باغ پوکيندو، ان کي پنهنجي زمين جي شيئر مطابق مليل پاڻي کان، باغ لاءِ واڌو پاڻي ڏنو ويندو. پاڻي وڌيڪ ملندو ته زمين به وڌيڪ آباد ٿيندي. ان incentive تي هر زميندار پنهنجي ٻني ۾ باغ پوکيو. ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ ۾ باغ ئي باغ نظر اچڻ لڳا.

اهو دور گهڻو پوئتي هليو ويو هو. آئون پوءِ جي ڳالهه پيو ڪريان. انگريزن کي وئي ڪي ويهارو سال مس ٿيا هئا. ڊاڪ بنگلا به اڃان سلامت هئا ته باغن ۾ به بهاري هئي. باغن واري زمين تي اڃان ڪنهن جي نظر بد ڪانه پئي هئي. انگريزن جا رکيل چوڪس چوڪيدار ۽ مالهي اڃان نوڪرين تان رٽائر ڪونه ٿيا هئا. بنگلن ۽ باغن جي سار سنڀال ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏيندا هئا. ان ڪري انهن ڊاڪ بنگلن جو رتبو ۽ شان اڃان سلامت هو. پوءِ جيڪو انهن جو حشر ڪيو ويو، موهين ۽ مدائن جا کنڊرات به جيڪر انهن کي ڏسي شرمسار ٿي پون. انهن بنگلن ۽ باغن سان ٿيل ڪلور ۽ ڪاري قيام جو سوچي باهوڙجي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هليو ٿو وڃان.

ڳالهه پئي ڪيم سنڌ جي باغن جي. قصو ٿو کڻان قاضي احمد کان. قاضي احمد ۾ ٽي وڏا باغ هئا. هڪڙو هو رئيس رسول بخش خان انڙ جو باغ. واهه جو باغ هو. هر قسم جا ڦل ۽ ميوا منجهس موجود هئا. ٻيو هو رئيس علي نواز انڙ جو باغ. شالامار باغ جي طرز تي ٺهرايل ڦوهارا، ٻاريون ۽ ڪياريون. انهن ۾ هر قسم جا گل پوکيل. هٻڪار ئي هٻڪار. داخل ٿيندي ئي ساڄي پاسي مسجد شريف ۽ رئيس جي اوطاق. باغ ڏسڻ سان نيڻ پيا ٺرندا. واهه جو مڙس هو. لڳ ڀڳ ٻه هزار ايڪڙن جي زمينداري ۾ ڪيلي، انب، موسمي ۽ مالٽن جا هريا ڀريا باغ. معمول اهو جو وڏي اسر جو اٿي عبادت ڪري هلي پئبو ٻني تي. پنڌ ئي پنڌ. باغن ۾ پوکيل هر وڻ ۽ ٻوٽي تي نگاهه. اڌ پهر سج جي چڙئي سموري ٻني ۽ باغ نهاري واپس وربو. پوءِ ڪبا ٻيا ڪم ڪاريون. ٽيون هوندو هو سرڪاري باغ. شهر جي اتر ۾ واقع هي نهايت ئي خوبصورت باغ هو. ان ۾ ڊاڪ بنگلو هو. اتي وڃي رات رهبي هئي ته، ايمانداري جي ڳالهه ٿو ڪريان ته ڄڻ ڪنهن بهلول هٿانران بهشت جي ٽڪيٽ ملي وئي هجي. چوڪيدار جي تري تي سڄا سارا پنج روپيا رکي ان کي ڳنڌڻ پانڌڻ جي بندوبست لاءِ چئبو. هو ڪٿان نه ڪٿان نج نبار ديسي ٻانگو ڪڪڙ هٿ ڪري ايندو. جي ڪڪڙ سستو مليو ته پنج رپين مان پورت پئجي ويندي. جي مهانگو مليو ته اٽي ٻاٽ مکڻ ماکي ۽ ٻئي سامان لاءِ پنج روپيا ٻيا ڏبا. سيارو هوندو ته بخاري ۾ ٽانڊو ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جو بندوبست ٿيندو، جي اونهارو هوندو تي ورانڊي يا اڱڻ تي هنڌ کٽولا رکجي ويندا. سڀ ڪم سولا ڪري نڪربو باغ جي سير لاءِ. باغ جي مهاڙ ۾ هوندا هئا چيريٽري جا وڻ. ان وڻ جو هر باغ ۾ هجڻ، انگريزن جي دل وٽان هوندو هو. ان کان اڳيان هئا صوفن جا وڻ. اترين ٿڌن علائقن ۾ صوفن جا وڻ وڏا ٿيندا آهن. هتي قاضي احمد واري سرڪاري باغ ۾ صوفن جا وڻ ننڍا هوندا هئا ۽ انهن ۾ صوف به ننڍا ٿيندا هئا. ائين سمجهو ته وڏي صوفي ٻير جيترا. جولاءِ ۾ اهي وڻ صوفن سان جهنجهيا پيا هوندا هئا. ان کان اڳيان جريب کن زمين تي منجڻيون ٺهيل هونديون هيون. مڙس جيڏيون ٿوڻيون کوڙي، ان جي مٿان مضبوط ڪاٺ جا ورا رکي انهن جي مٿان پڃر اهڙي طرح ڪڙيل هوندا هئا جو هڪڙو فوٽ چورس ماپ جو خانو ٺهي پوندو هو. اهي منجڻيون ڊاک جي ساين ولين سان سٿيون پيون هونديون هيون. جون جولاءِ ۾ انهن اکن مان ڪاري ۽ سائي ڊاک جا ڇڳا پيا لڙڪندا هئا. اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو. (هڪڙي ڀيري مونکي ڪنهن چوڪيدار ٻڌايو هو ته انگريز ڊاک نپوڙڻ لاءِ ڪلاڙ (ڪلال) ملازمت ۾ رکندا هئا). اڳيان هوندا هئا انبن جا وڻ. انور رتول، سنڌڙي، لنگڙو، چونسو، دسيري، سرولي وغيره ان باغ ۾ ڪونه هوندا هئا. ديسي انبن ۾ ڪي کٽا هوندا هئا ته ڪي اهڙا مٺا ڄڻ مصري جون ڳڙيون. جون جولاءِ ۾ انهن جون پڪل شاخون نهاري وات پاڻي پيو ٿيندو هو. باغ ۾ اولهه طرف کان ڪيلن جون قطارون هونديو هيون. ڪيلن جا وڻ وڏا. انهن ۾ بمبئي ڪيلي جا ڇڳا/سنگ پيا لڙڪندا هئا. اهو ڪيلو ڏسڻ ۾ وڏو، ڳر گهٽ، کل ٿلهي پر کائڻ ۾ خوشبودار ۽ سوادي هوندو هو. باغ کي چوڌاري ڄمون (کٽن ڏوڏن) جي اجگر وڻن جي واڙ هوندي هئي. انهن کان علاوه ليمي، توت ٻه قسم، ڏاڙهون ٻه قسم ۽ کجي جا وڻ به هئا. باقي رهيل پٽ تي سبزيون پوکيل هونديون هيون.

باغ جو سير ڪري، سانجهي ٽاڻي اچي کٽن تي ويهبو هو. بجلي ڪانه هوندي هئي. مهمانن کي ماني سجهندي ۾ ئي تيار ڪري کارائبي هئي. سوجهري لاءِ شمعدان ٻاربا هئا. ڏينهن واري هلوتاڻي ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري نيڻ ننڊاکڙا ٿيڻ لڳندا هئا. ڏکڻ جي هير مهمانن کي لولي ۽ لوري جو ڪم ڏيندي هئي. فطرت پنهنجن ٻچڙن جي حفاظت لاءِ آسمان تان ستارن ۽ نکٽن جو ڇٽ جهولائي ڇڏيندي هئي.

پوئين آڌي جو ڪڪڙن جا دس پيا ٻڌبا هئا. سجاڳ ٿيڻ جون صدائون پيون اينديون هيون. ڀنڀراڪي جو ٿڌڙي هير تي سڄو ڊاڪ بنگلو گلن جي خوشبو سان واسجي ويندو هو. ها، گلن جو ذڪر مونکان رهجي ويو هو. ٻاهرين داخلي دروازي کان داخل ٿيندي ئي رستي جي ٻنهي پاسي زنگي جي گلن جون قطارون هونديون هيون. ڊاڪ بنگلي جي صحن جي آڏو موتئي ۽ کٽڻ هار جا گل پوکيل هئا. سڄي بنگلي جي چوڌاري گلاب، مگرو، چنبيلي، رابيل، رات جي راڻي ۽ ڪيوڙي جي گلن جون قطارون هونديون هيون. ولين وارا گلاب وڻن تي ڏاڍا سونهندا هئا. صبح سوير مکڻ ۽ ماکي سان نيرن ڪري چوڪيدار کي ٻه روپيا انعام ڏيئي هلي پئبو هو اڳئين منزل ڏانهن.