ٺٽو (رپورٽر)  گھارو پوليس ملاح اڳواڻ محمد اشرف ملاح کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد گھارو ٿاڻي تي غريب آباد مارڪيٽ ڌابيچي جي رھواسي محمد رياض جي فرياد تي ڀتو گھرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، پوليس گرفتار اشرف ملاح جي ڪيس داخل ڪرڻ باوجود گرفتاري ظاھر نه ڪئي، وارثن موجب، اشرف ملاح سماجي ورڪر آھي، ھر مظلوم ماڻھو سان ھر وقت گڏ رھي ٿو، کيس بنا ڪنھن سبب جي پوليس گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد ھٿ ٺوڪي ايف آءِ ار داخل ڪئي آهي پر اڃا تائين سندس گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي، خدشو آھي ته پوليس مٿس وڌيڪ ڪيس داخل ڪري جاني نقصان پھچائيندي، ھنن ايس ايس پي ٺٽو کان نوٽيس وٺي اشرف ملاح تي داخل ڪيس ختم ڪري کيس ازاد ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.