ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ وائلڊ لائيف کاتي ۽ اي اين ايف جي گڏيل ڪارروائي، ناياب ٻوٽا هٿ، ترجمان موجب سائوٿ ايشيا ٽرمينل تي ڪارروائي دوران ناياب ۽ تيزي سان ختم ٿيندڙ ڪٽڪي ۽ مليٺي جا ٻوٽا هٿ ڪيا ويا، ڪٽڪي جا 250 ڪلو ۽ مليٺي جا 4 هزار ڪلو ٻوٽا هٿ ڪيا ويا، ايڪسپورٽر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب گگرال  نالي ٻوٽو کير ٿر نيشنل پارڪ، رڻ ڪڇ، گورک هل ۽ بلوچستان ۾ ملي ٿو، ڪٽڪي ۽ مليٺي هماليه سلسلي ۾ ملندا آهن،  اهي ٻوٽا انتهائي ناياب آهن