اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان حڪومت يو اين او جو اعتراض رد ڪندي عمران جي گرفتاري ۽ ڪيسن کي اندروني معاملو قرار ڏئي ڇڏيو، قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ جو گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري ۽ التويٰ هيٺ ڪيس پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، خودمختيار رياست طور پاڪستان ۾ عدالتن ذريعي آئين ۽ لاڳو قانونن تي عمل ٿئي ٿو، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي آئين، قانون ۽ عالمي اصولن تحت سمورا حق حاصل آهن، وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني هڪ سزا ٻڌايل قيديءَ طور جيل ۾ موجود آهي، ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني کي رليف ملڻ شفاف ۽ منصفاڻي ٽرائل جي عڪاسي ڪري ٿو، هن چيو ته آئين، قانون ۽ عالمي اصولن کان مٿانهون ڪو به مطالبو ٻٽو ورتاءُ، هڪ ڌريو ۽ انصاف جي ابتڙ عمل سمجهيو ويندو.