سکر: سکر بئراج جي متاثر ٿيل گيٽ نمبر 47 ۽ 44 جي تبديلي لاءِ غور ويچار وارو عمل جاري آهي، سکر بئراج اختيارين وٽ هڪ گيٽ موجود آهي، جيڪو گيٽ نمبر 47 تي عارضي طور لڳايو ويندو، جڏهن ته گيٽ نمبر 44 تي ڪوٽڙي بئراج جو پيل گيٽ گهرايو پيو وڃي، جيڪو لڳايو ويندو، جنهن متعلق لاڳاپيل ڪمپنيءَ سان ڳالهيون جاري آهن، گهڻي ڀاڳي اهو معاملو ڪنفرم ٿي ويو آهي پر لاڳاپيل اختيارين کان اِن جي منظوري وٺڻ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو.