ڪڙيو گهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) گولاڙچي ڀرسان ڏکوئيندڙ حادثو، ڊمپر جو ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، ڪڙيوگهنور واسي نانو ۽ ڏوهٽيءَ ٿڏي تي فوت، هڪ نينگري ۽ عورت سميت 3ڄڻا زخمي، تفصيل موجب گولاڙچي ڀرسان باءِ پاس تي تيز رفتار ڊمپر ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر هنيو، حادثي ۾ ڪڙيوگهنور جي ڳوٺ ميهر چانڊيو  واسي 50ورهين جي تيجوءَ ڪولهي ۽ سندس 15ورهين جي ڏوهٽيءَ چندري ڌيءُ نوو ڪولهي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، اموري زال راڻو ۽ سومري ڌيءُ منگهن ڪولهي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت هجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته تيجوءَ ڪولهي ۽ ٻيا گولاڙچي ۾ پنهنجي مائٽن مان واپس موٽرسائيڪلن تي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته  باءِ پاس تي ڊمپر سان موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون، اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.