گولاڙچي (رپورٽ: مھردين مري) گولاڙچي تعلقي جي 25 واھن ۾ ٻن مھينن کان واري اڏامڻ لڳي، سوين ڳوٺن مان پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو. گولاڙچي، کورواھ ۽ ترائي ۽ ڪڙيو گھنور جا واٽر سپلاءِ وارا تلا به سڪي ويا، پاڻي فراهمي بند ٿيڻ ڪري ڏيڍ لک شھري آبادي پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ لڳي، پاڻي کوٽ خلاف شھرين، آبادگارن ۽ گوٺاڻن پاران احتجاج جو چتاءُ. خبر موجب تعلقي گولاڙچيءَ جي گوني ڪئنال، شيرواھ، کيرسري، کورواھ، ڄام واھ، دبي واھ، سورھڏي، بھادرواھ، نڪرجي شاخ، مورجھر، امام واھ، جکيجي مائنر سميت 25 کان وڌيڪ واھن جي گذريل ٻن مھينن کان هٿرادو وارابنديءَ سبب پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي، نتيجي ۾ سامونڊي پٽي سميت پوڇڙ وارن علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي. ماڻھو توڙي چوپايو مال اڃ مرڻ لڳو آھي. ٻئي پاسي گولاڙچي، ترائي، کورواھ ۽ ڪڙيو گھنور شھرن جا واٽر سپلاءِ وارا تلاءَ سڪي وڃڻ سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ شھري آبادي پيئڻ جو پاڻي پئسن عيوض خريد ڪرڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. شهرين اصغر نوتڪاڻي، دلمراد مري، ابو نوحاڻي، معظم کوکر، ميروخان مري، واحد بخش ۽ ٻين چيو ته گولاڙچي جا سمورا واھ سڪل آھن، فصل ته ٺھيو انسان ۽ جانور به پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته گولاچي تعلقي جي واهن ۾ هٿرادو وارابندي فوري طور ختم ڪئي وڃي.