گوادر(م ڊ) بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۾ حق دو تحريڪ جو احتجاج روڪڻ لاءِ انتظاميا هڪ مهيني لاءِ جلسن جلوسن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته گوادر ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. جلسن، جلوسن، ريلي ۽ ڌرڻي تي پابندي لڳائي وئي آهي. ٻئي طرف ڪالهه به حق دو تحريڪ جو احتجاج جاري رهيو.