گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ولو مهر ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ ٿاڻي تي جهيڙو، پوليس جهيڙو ڪندڙ ٻنهي ڌرين جي 9 ڄڻن خادم شيخ،گلبهار شيخ، لال بخش شيخ ٻي ڌر جي  رياض شيخ، قلندر بخش شيخ، ميرمحمد شيخ ۽ ٻين کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو هلندڙ آهي ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتا ته جهيڙو ٿي پيو پوليس ٻنهي ڌرين جي 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.