ميرپوماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو انتظاميا ضلعي گهوٽڪي ۾ ايل پي جي استعمال ڪندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ خلاف سخت آپريشن ڪيو، ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ڪارروايون ڪري درجنين گاڏين مان گيس سيلينڊر هٽائي ڇڏيا، جڏهن ته احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪندڙ سمورن دوڪانن کي پڻ سيل ڪيو ويو، انتظاميا جو چوڻ آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گيس سلينڊر جو استعمال انتهائي خطرناڪ آهي، مختلف علائقن ۾ افسوسناڪ واقعا ٿي چڪا آهن، ان ڪري ضلعي ۾ ڪنهن کي به اهڙي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.