گهوٽڪي (رپورٽر) ڳوٺ راضي لاکو وٽان ڏينگڙو واهه کي آرڊي 33 وٽان 20 فوٽن جو گهارو پئجي ويو جنهن سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، گهاري جو پاڻي ڳوٺ راضي لاکو جي ڪيترن ئي گهرن ۾ داخل ٿيو، ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو آبپاشي کاتي جو عملو گهارو بند ڪرڻ لاءِ نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت گهاري کي بند ڪيو، ڳوٺاڻن موجب ته آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران واهه مان غيرقانوني مٽي وڪرو ڪئي وئي هئي جنهن سبب واهه گهارو لڳو، جنهن جا ذميوار آبپاشي کاتي جا عملدار آهن.