مهتاب ڏهر ۽  شهريار شر جا هڪٻئي تي سنگين الزام

0
207
مهتاب ڏهر ۽  شهريار شر جا هڪٻئي تي سنگين الزام
مهتاب ڏهر ۽  شهريار شر جا هڪٻئي تي سنگين الزام

گهوٽڪي: پي ايس 18 گهوٽڪي تي سرسي حاصل ڪندڙ اميدوار ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته 8 فيبروري تي پوليس جي مدد سان بيلٽ باڪس ڦر ڪيا ويا هئا

ٻن پولنگس تان ڦر ڪيل بيلٽ باڪس ايس ايس پي آفيس جي پٺيان مليا هئا، مخالف اميدوار تي ڏيڍ هزار ووٽن جي سرسي حاصل آهي، اڄ ٻئي پولنگس کٽي فتح کي يقيني بڻائينداسين

پيپلزپارٽي جي اميدوار شهر يار شر چيو آهي ته مخالف اميدوار پاران اڄ به ڪا شرارت ڪئي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين

ڄام مهتاب ڏهر جي ماڻهن پاران شڪست کان بچڻ لاءِ غنڊا گردي ڪئي وئي، اڄ پولنگس تي ڪا به غنڊه گردي برداشت نه ڪنداسين