گهوٽڪي/قادرپور (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ويجهو جوابدار گهرو اڻبڻت تان زال ۽ پنهنجي ڀيڻ کي عيد شاپنگ بهاني گهران وٺي ڪمند جي فصل ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار، خبر موجب گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم چاچڙ ۾ جوابدار غلام سرور چاچڙ گهرو اڻبڻت تان پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي زال 30 سالا شازيه چاچڙ ۽ ڀيڻ 35 سالا منظوران چاچڙ زال اصغر علي چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي گهوٽڪي جي پوليس پهچي قتل ٿيل ٻنهي عورتن جا لاش کڻائي گهوٽڪي سول اسپتال آندا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حولي ڪيا، لاشن سان گڏ آيل پيرسن عورت حضوران چاچڙ ٻڌايو جوابدار غلام سرور چاچڙ ڪجهه عرصو اڳ ٻئي شادي ڪئي هئي، جنهن تان زال شازيه ۽ هن ۾ تڪرار ٿيندو رهندو هو، هن ٻڌايو ته شازيه مڙس کان زمين مان حصو لکي ڏيڻ جو چوندي هئي، جنهن تان هو مٿس ناراض هو، پيرسن عورت ٻڌايو ته ڪالهه جوابدار گهر آيو ۽ زال کي چيو ته عيد جي شاپنگ ڪرڻ گهوٽڪي هلڻو آهي، جنهن تي شازيه ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿي ته جوابدار جي ڀيڻ ۽ شازيه جي نڻان منظوران به شهر هلڻ جو چيو، جوابدار ٻنهي کي موٽرسائيڪل تي گهران کڻي ڪجهه پنڌ تي وڃڻ بعد ڪمند جي فصل ۾ گوليون هڻي ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
فرنٽ