گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي پوليس گشت دوران شهر مان ٽي سال جي معصوم ٻارڙي کي هٿ ڪري ورتو، ٽن ڪلاڪن بعد وارث ٿاڻي تان معصوم نينگري کي وٺي ويا، گهوٽڪي پوليس موجب ته ليڊيز مارڪيٽ ۾ نينگري روئي رهي ته گشت ڪندڙ اهلڪارن معصوم نينگري کي هٿ ڪري ٿاڻي تي ويهاريو، ايس ايچ او اي سيڪشن گهوٽڪي موجب ته شهر جي ليڊيز مارڪيٽ مان هٿ آيل معصوم نينگري کي گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ويهاريو جتان ٽن ڪلاڪن بعد وارث نينگري کي سڃاڻپ بعد وٺي ويا.